ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پوليس سروس آف پاڪستان جي 7 اي ايس پيز کي 18هين گريڊ ۾ ايس پي طور ترقي ڏني وئي، اسٽيبلشمنٽ ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سيد فاضل شاهه بخاري، جهانداد اڪرم، حسيب جواد ميمڻ، مغيص احمد هاشمي، شاهزيب، ماريه مصطفيٰ ۽ جواد اسحاق کي ترقي ملي آهي، تازين ترقين بعد سنڌ پوليس ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سيد فاضل شاهه بخاري کي بلوچستان، مغيص احمد هاشمي کي پنجاب ۽ جهانداد اڪرم کي موٽروي پوليس ۾ بدلي ڪيو ويو. ساڳئي ريت پنجاب پوليس ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ حسيب جواد ميمڻ ۽ شاهزيب کي سنڌ بدلي ڪيو ويو