غزه (م ڊ) 7 آڪٽوبر تي حماس جي حملن بابت اسرائيلي جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته حماس جي ويڙهاڪن جو ميوزڪ فيسٽيول تي حملي جو ڪو منصوبو نه هو، اسرائيلي شهرين جي موت جي ذميوار اسرائيلي فوج آهي. اسرائيلي اخبار موجب حماس جي حملن بابت پوليس جي پهرين جاچ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 7 آڪٽوبر تي حماس جو حملي جو منصوبو نه هو، ويڙهاڪن کي فيسٽيول جي اڳواٽ ڪا ڄاڻ نه هئي. انهن جو منصوبو غزه جي سرحد ويجھو اسرائيلي آبادين ۽ فوجي چوڪين کي نشانو بڻائڻ هو. ويڙهاڪ ڊرونز ۽ پيراشوٽز ذريعي وڃي رهيا هئا ته انهن کي فيسٽيول جي ڄاڻ ملي، ان موقعي تي ئي سپر نووا ميوزڪ فيسٽيول تي حملي جو فيصلو ڪيو ويو. فيسٽيول ۾ ماڻهو اسرائيلي هيليڪاپٽر جي ويڙهاڪن تي ٿيل جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويا. حملي ۾ بچي ويندڙ هڪ اسرائيلي عورت آڪٽوبر ۾ ئي اسرائيلي ريڊيو کي ٻڌايو هو ته اسرائيلي فورسز جي فائرنگ سبب پنهنجا ئي ماڻهو مارجي ويا هئا. حماس جي ويڙهاڪن رڪاوٽون ٽوڙيندي فيسٽيول، فوجي چوڪين ۽ اسرائيلي آبادين تي حملو ڪري پهرئين ڏينهن ئي 12 سوو کان وڌيڪ ماڻهو ماري ڇڏيا هئا. مارجي ويل حماس ويڙهاڪن وٽان مليل نقشن ۽ ٻين شين مان پوليس کي پتو پيو ته حماس جو فيسٽيول تي حملي جو ڪو پلان نه هو. فيسٽيول ۾ حملي ۾ 17 پوليس آفيسرن سميت 364 ماڻهو مارجي ويا هئا.