ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ثقافت واري وزير سيد سردار شاھ چيو آهي ته پاڪستان جي 64 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل  آهي. اسان نوجوانن جي ڀلائي بابت ڪا پاليسي واضح نه ڪئي آهي.  اسان جا مختلف  نوجوان مختلف ڪيٽيگريز ۾ ڪم ڪن ٿا . نوجوانن جو ميلو سٺو لڳو، ڪو به نوجوان اڳتي هلي نصرت فتح علي خان ٿي سگهي ٿو يا وري وزير به بڻجي سگهي ٿو. نوجوانن  کي ڪامياب  ٿيڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي آئون به محنت ڪري اڄ هتي پهتو آهيان. ڪالهه هتي آرٽس ڪائونسل ۾ يوٿ فيسٽيول کي خطاب ڪندي  هن چيو ته اڄ جي پاڪستان ۾ نوجوانن کي گهڻ رخي جديد تعليم ڏيڻي پوندي.  سنڌ سرڪار اسڪولن ۾ 750ميوزڪ ٽيچرز ڀرتي ڪري رهي آهي،اهي ڀرتيون جلد ڪيون وينديون، هن چيو ته پاڪستان ۾ اهڙو ڪو به شهر نظر  نٿو اچي، جتي ڪراچي آرٽس ڪائونسل جھڙي تربيت ڏني ويندي ھجي، فيسٽيول ۾ مختلف شعبن ۾ بھترين پرفارمنس ڏيندڙ  9 نوجوانن کي صوبائي وزير پاران 2-2 لک جا چيڪ ۽ شيلڊون ڏنيون ويون ـ