حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس ڪانسٽيبل جي ڀرتين ۾ ميرٽ جي بخيا اوڍيڙي ڇڏيا، ٽيسٽ ۾62 مارڪون کندڙ اميدوارن کي نوڪرين جي آڊر جاري ڪندي 78 مارڪون کڻندڙن کي نظرانداز ڪيو ويو. ان ڏس ۾  حيدرآباد پوليس ڪانسٽيبل جي ڀرتين لاءِ اپريل 2024 ۾ ڪيل اعلان ۽ ڊسمبر 2024 ۾ ورتل ٽيسٽ کانپوءِ 463  اميدوارن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن مان 78 تائين مارڪون کڻندڙ اميدوار کي نظرانداز ڪري 62 مارڪون کڻندڙ اميدوارن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن. جنهن کانپوءِ اهل اميدوارن ميرٽ جي لتاڙ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون علي حسن چانڊيو، فيض الله، شيراز، دانيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي.ان موقعي تي اميدوارن چيو ته گذريل هڪ سال کان نوڪري جو آسرو ڪري رهيا هئاسين، فزيڪل توڙي رٽن ٽيسٽ پاس ڪرڻ ۽ 78 تائين مارڪون کڻڻ باوجود حيدرآباد پوليس انتظاميا بااثر ماڻهن جي گهٽ مارڪون کڻدڙ اميدوارن جا آڊر جاري ڪري ميرٽ جي لتاڙ ڪئي آهي. هنن چيو ته سنڌ جي چونڊيل نمائيندا اسيمبلي جي فلور توڙي پريس بيانن ۾ ميرٽ جون دوائون ڪندا آهن پر عملي طور سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۾ اهي پاڻ ملوث آهن جنهن جو تازو مثال سنڌ پوليس حيدرآباد ۾ گهٽ مارڪون کڻندڙ من پسند ماڻهن جا آڊر جاري ڪيا ويا آهن ۽ محنتي ۽ اهل اميدوارن توڙي انهن جي پيءُ ۽ ماءُ جي ڪيل محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي.هنن چيو ته اسان وڏي محنت سان تعليم حاصل ڪري سنڌ ۽ ملڪ جي خدمت جو خواب ڏٺو هيوسين جنهن تي پوليس کاتي جي آفيسرن ۽ چونديل نمائيندن پاڻي هاري ڇڏيو.هنن مطالبو ڪيو ته جاري 463 اميدوارن جي لسٽ فوري طور رد ڪري ميرٽ جي بنياد تي نالا شامل ڪري نوڪريون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ جاري نوڪرين واري لسٽ کي عدالت ۾ چيلنج ڪنداسين.