موسمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ 6 هزار ارب ڊالرن جي ضرورت، اُسريل ملڪ فنڊ ڏين، فريم ورڪ تي عمل ڪرڻو پوندو: شهباز

0
44

باڪو (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف عالمي برادري کان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي فريم ورڪ موجب خصوصي فنڊ مختص ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ترقي پذير ملڪن کي 2023 تائين 6 هزار ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. اُسريل ملڪ فنڊ ڏين، قرض ڦاهي جو ڦندو بڻجي ويا آهن، گڏيل قومن جيسيڪريٽري جنرل 2024 کي موسمياتي تباهي جو “ماسٽر ڪلاس” قرار ڏئي ڇڏيو. آذربائيجان جي تخت گاهه باڪو ۾ ڪوپ 29 ڪانفرنس جي موقعي تي ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان ماحولياتي تبديلي جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن زور ڏنو ته ترقي پذير ملڪن کي 2030 تائين 6 هزار ارب ڊالرن جي ضرورت آهي، ترقي يافتا ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، سالن کان ڪيل واعدن ۽ خاطرين باوجود وڏي پئماني تي فرق وڌندو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ماضي ۾ ٻن وڏين ٻوڏن کي منهن ڏنو ۽ اڃا تائين نقصانن مان ناهي نڪري سگهيو. وزيراعظم موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي فريم ورڪ تي عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ترقي يافتا ملڪن کي يو اين فريم ورڪ موجب فنڊ مختص ڪرڻا پوندا. ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ترقي پذير ملڪن کي ايندڙ 6 سالن ۾ 6 هزار 800 ارب ڊالرز جي ضرورت آهي،