دريا خان مري/محبت ديرو جتوئي (نمائندن وٽان) پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙو جيئند مري جي پوئينرن علياڪبر مري، علي گوھر مري سان ڳوٺ کنڊو مري پھچي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي نثار کھڙو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ورڪر پارٽي جو اثاثو آھن، قيادت پ پ ورڪرن سان ڏک سک ۾ ساٿ ڏيندي رهي ٿي، نثار کھڙو چيو ته مان سنڌ جي عوام کي سلام پيش ڪريان ٿو، جنهن ھمت ڪري 6 ڪينالن واري رٿا کي روڪيو آهي، هن چيو ته سنڌ جو عوام پاڻي کي پنھنجي زندگي ۽ موت جو مسئلو سمجھندو آھي، اسان جو ڪليئر موقف آھي ته جتي پاڻي جي کوٽ ۽ گھٽتائي آھي اتي وڌيڪ ڪينال ڪيئن ٿا ٺھي سگھن، هن چيو ته پ پ جي ڪنھن به ڪارڪن جي قرباني رائيگان نه ويندي، هوڏانهن نثار احمد کھڙو محبت ديرو ۾ مقامي پ پ اڳواڻ غازي صلاح الدين ڏھراج سان سندس پڦي جي وفات ۽ ڪارساز سانحي واري جلسي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويل جيالي نجم الدين چنا، مظفرعلي ڀٽو جي وارثن سان تعزيت ڪئي.