مورو (ن پ ا) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ چيو آهي ته سنڌو درياهه تي سنڌين جو دائمي، آفاقي ۽ ڪائناتي حق آهي، سنڌين جي مرضي کانسواءِ سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ وارو منصوبو نه صرف عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي پر سنڌ سان وڏي ناانصافي ٿيندي، هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ هڪ زرعي معيشت رکندڙ خطو آهي، سنڌ جي معيشت ملڪ جي معيشت ۾ وڏو حصو وجهندڙ آهي، سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺهڻ کانپوءِ نه صرف سنڌ جي معيشت تباھ ٿي ويندي پر سنڌ جو ماڻهو پيئڻ جي پاڻي کان به محروم ٿي ويندو ۽ سنڌ جي سڄي زندگي مفلوج ٿي ويندي، ان ڪري سنڌ جا ماڻهو ڪئنال ٺاهڻ کي موت جو پروانو سمجهي رد ڪن ٿا، هن چيو ته ايس ٽي پي 6 ڪئنال اڏڻ واري عمل خلاف مسلسل سراپا احتجاج آھي ۽ پوري سنڌ جي مختلف شھرن ۾ جاڳرتا ريليون ڪڍي مھم ھلائي رھي آھي، اڄ 22 جنوري تي ضلعي نوشھرو فيروز، تعلقي مورو ۽ ٻين شھرن ۾ جلسا ڪيا ويندا، جتي ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندو.