بدين(رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر بدين ۾ رکيل ورڪرز ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ بدين پھتو، جنھن کان اڳ ھن اڳوڻي ڊي سي چوڪ جو نئون نالو شھيد بينظير ڀٽو چوڪ رکي افتتاح ڪيو،ان موقعي تي پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙو چيو ته ھن چوڪ جو نالو محترمه جي نالي اڳ ۾ رکڻ گھرجي ھا، ڇاڪاڻ ته بدين جا ماڻھو شھيد محترمه سان تمام گھڻي محبت ڪن ٿا، چوڪ جي افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته اسان 6 ڪينال ڪنھن به صورت ۾ ٺهڻ نه ڏينداسين ڪالا باغ ڊيم منصوبو به اسان بند ڪرايو ھو، ڪئنال به اسان بند ڪنداسين، ھن چيو ته گذريل نگران حڪومت اسان جون سڄي سنڌ لاءِ ڏنل ترقياتي اسڪيمون روڪي ڇڏيون ھيون، جنھن ڪري بدين سميت سڄي سنڌ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿي سگھيا ھئا، ھاڻي اسان ٻيھر سڄي سنڌ سميت بدين ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪنداسين جنھن ۾ بدين ضلع ۾ ڪري پيل اسڪولن جون بلڊنگون ٻيھر تعمير ڪرائينداسين ۽ سڄي ضلعي ۾ روڊن جو ڄار وڇائي ترقياتي ڪم ڪرائينداسين، پ پ سنڌ جي صدر شھيد بينظير ڀٽو چوڪ جو افتتاح ڪري دعا گھرڻ بعد جيم خانه ھال بدين ۾ رکيل ورڪر ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪرڻ لاء روانو ٿي ويو، ان موقعي تي ساڻس پ پ ضلع صدر ڊسٽرڪٽ چيئرمين ڄام علي اصغر ھاليپوٽو، ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين پير محمد صالح قريشي، ايم پي اي گولاڙچي محمد اسماعيل راھو،ايم پي اي ماتلي تنزيلا قمبراڻي گڏ ھئا ٻئي طرف پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع بدين جو ورڪر ڪنوينشن پ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو جي صدارت هيٺ جيم خانه بدين ۾ ٿي گذريو، جنھن کي خطاب ڪندَي نثار احمد کھڙي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪڏهن به سنڌو جي پاڻي تي نه پھرين چپ ڪئي ھئي نه ھاڻ چپ ڪنداسين، سنڌو درياهه اسان جو ساهه آھي، ڪنھن کي به جرت ناھي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر اصف علي زرداري جي ھوندي سنڌو کي سڪائي، ھن چيو ته بدين جي ورڪرن سميت سنڌ پاڪستان جي ورڪرن جو قربانيون رائيگان ناھن ويون، سندن قربانين جي بددولت ھي جمھوريت آھي، جيڪا اڃان پروان چڙھي رھي آھي، اُھو وقت پري ناهي جڏهن اسان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وزير اعظم بڻائينداسين، ھن چيو ته بدين جي ورڪرن جا ڪوڙا جيل ۽ جھدوجھد نٿا وساري سگھون، ورڪر ڪنوينشن کي ضلع جنرل سيڪريٽري سجاد احمد چانڊيو عبدالغفور نظاماڻي، ايم پي اي تاج محمد ملاح، محمد اسماعيل راهو، مير الھه بخش ٽالپر، ڏاڏا محمد ھاليپوٽو، تنزيلا قمبراڻي، ارباب امان الله، فداحسين منڌرو، امير حسن کوسو، مير ملاح، الھڏنو چانڊيو، گل محمد سريوال، مير ڪاشف ٽالپر، مرزو دلواڻي به خطاب ڪيو، ڪنوينشن ۾ سي ايم سنڌ جي ترجمان عبدالواحد ھاليپوٽو پير امجد علي صديقي، حاجي محمد رمضان چانڊيو، سائين بخش جمالي، قبول محمد کٽياڻ، پير محمد صالح قريشي، عبدالغفور ميمڻ، عبدالستار ميمڻ، تنوير سريوال، مير حاجن ٽالپر، مير جمالي، غلام محمد ڪاتيار، ليڊيز اڳواڻ مير ساجده ٽالپر، امينه ملاح، نوجھان عباسي، زاھده پروين خاصخيلي، حاجاڻي کوسو، فرزانه جتوئي، زاھدہ ڪنڀار، زھرہ جمالي سميت وڏي تعداد پارٽي ورڪرن عھديدارن شرڪت ڪئي