6 ڪئنال نامنظور: ٽنڊوآدم ۾ ساڃاهه وندن جي احتجاجي ريلي، ڌرڻو، مزاحمت جو اعلان

0
19
6 ڪئنال نامنظور: ٽنڊوآدم ۾ ساڃاهه وندن جي احتجاجي ريلي، ڌرڻو، مزاحمت جو اعلان
6 ڪئنال نامنظور: ٽنڊوآدم ۾ ساڃاهه وندن جي احتجاجي ريلي، ڌرڻو، مزاحمت جو اعلان

ٽنڊوآدم (رپورٽ: سليمان ساند) ٽنڊوآدم ۾ سنڌ پاڪ آبادگار فورم پاران سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ۾ جي ڊي اي، ايس يو پي، جماعت اسلامي، ساس، سگا سميت ٻارن ، عورتن، قلم ڌڻين، وڪيلن، آبادگارن، هارين شرڪت ڪري نوان ڪئنال رٿا کي رد ڪندي مزاحمت جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي شاهجهان جوڻيجو، حاجي موسيٰ ساند، عقيل ماڪوڙاڻي، لال جروار، نور چاڪراڻي ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ٺھڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي۔ اسان جا نسل تباهه ٿي ويندا، جياپي جو وسيلو صرف پاڻي آھي، اسان کي برادري، پارٽي کان هٽي ڪري سنڌ ۽ سنڌو درياءَ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو، هنن چيو ته پاڻي تي ڌاڙي خلاف جيڪڏهن سجاڳ نه ٿياسين ته پوءِ اسان جي وسيلن، پاڻي، روزگار تي ڌاڙا لڳندا رهندا، جيڪي ڀاڳيا سجاڳ هوندا آھن انهن جون چوريون ناهن ٿينديون، اسان کي جياپي جي جنگ وڙھڻي پوندي، هنن چيو ته سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ اصل ۾ڪارپوريٽ فارمنگ سان جڙيل آھن، ڊيلٽا ۾ پاڻي نه پهچندو ته اهو تباھه ٿي ويندوسمنڊ مٿي چڙھي پيو ٺٽو، سجال ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي، سوين ڳوٺ ختم ٿي ويا آھن، هنن چيو ته سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍي اسان جي زراعت، معيشيت ۽ زندگي پيا کسين، هن چيو ته چولستان، گريٽر ٿل ڪئنال سميت ڪو به ڪئنال قبول ناهي، اسان کي 1991ع جي پاڻي ٺاھ تحت حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي، هنن چيو ته پ پ ۽  وفاقي حڪومت پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنالن جي سمري منظور ڪرائي آهي، پ پ جا چونڊيل نمائندا ميڊيا آڏو ڪوڙا بيان ڏئي رهيا آهن، پ پ اقتدار خاطر سنڌ جو وجود داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي، ڌرڻي کي شمشاد لغاري، الطاف جوڻيجو، محمد بخش خاصخيلي، عبدالله خٽڪ، گل حسن لاکو، حبيب خان مري، باغي مجاهد ٿهيم، احمد بلال غوري، مريم انڙ، عطاءُ الله انڙ، وقار جٽ، اعجاز ميتلو، ذوالفقار نربان ۽ ٻين به خطاب ڪيو.