ڪراچي(نمائندن وٽان) جي يو آءِ پاران سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ بد امني خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، سکر ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن محمد صالح انڍڙ، مفتي سعود افضل هاليجوي، حافظ عبدالحميد مھر، مفتي شفيع محمد هاليجوي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ناصر محمود سومرو، محبت علي کهڙو، مولانا محمد الياس چنو، مولانا جمال مصطفيٰ تنيو، طارق حسين سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، حيدرآباد ۾ مولانا تاج محمد ناھيون , اعظم جھانگيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو.ويو ، شڪارپور ۾ مولانا عبد الله مھر، مولانا محمد طيب ميکو، مولانا عبدالباري شيخ، غلام قادر بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، دادو ۾ مولوي حبيب الرحمان ملڪاڻي، علي اصغر لغاري، مولانا ابوبڪر جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مارچ ڪري ڪچهري روڊ تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، نوشهروفيروز ۾ جي يو آءِ پاران عبدالرحمان ڏنگراچ، اڪرم پيرزادو، عبدالحق راجپوت، مولانا عبدالصمد، مولانا حسين احمد عباسي، مولانا حماد الله بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، خيرپور ۾ سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ، سنڌ ۾ بدامني ۽ ڏوهاري وارداتن خلاف جي يو آءِ پاران خاڪي شاهه پل کان مولانا مير محمد ميرڪ، مولانا نعمت الله شيخ، مولانا رمضان ڦلپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنج گولا چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، جيڪب آباد ۾ ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا سليم بروهي، خليل احمد کوسو، مولانا تاج محمد ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ جي يو آءِ پاران مولانا شمس الدين ڀيري، جمال الدين اوڳاهي، خان محمد ملڪ، عرفان الله کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، قمبر ۾ جي يو آءِ ۽ ضلعو سينگاريو ڪاميٽي طرفان عبدالرزاق لاکو، حافظ محمد عذير جاگيراڻي، واجد گوپانگ، رياض لاکو، آصف جويو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، بدين ۾ جي يو آءِ طرفان مولانا عبد الواحد فاروقي، مولانا فتح محمد مهيري، مولانا الهه بخش نوتيار ۽ رفعت نويد چوڌري جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ريلي ڪڍي، سجاول ۾ جي يو آءِ پاران حافظ فضل الله فياض، مولوي طفيل کٽي، مولوي حسن قاسمي، مولوي اشرف ميمڻ، مولوي انور سومرو، مولوي نصيب الله، مولوي عبدالرزاق کٽيجي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٺٽو ۾ جي يو آءِ پاران مولانا احمد سومرو، مولانا سليم عاطف، مولانا عبدالوهاب، مولانا شمس شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ٺٽو ڪراچي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، عمرڪوٽ ۾ جي يو آءِ پاران مولانا يعقوب نعماني، مفتي حماد الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿر بازار کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ٽنڊوآدم ۾ جي يو آءِ پاران محمد هاشم خاصخيلي، قاري محمد اسلم ٿهيم، مفتي محمد يعقوب مگسي، مولانا سنجر خان ابڙو، قاري امام الدين خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌ صوبي جو امن امان تباھ آهي، ھرو روز ماڻهو اغوا پيا ٿين، ڏوھي وارداتن ۾ ڏينھون ڏينهن واڌ ٿي رھي آهي، پيپلز پارٽي جي حڪومت ھوندي سنڌي ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ پريشان آهن، هنن چيو ته سنڌ صوبي ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، مٿان وري ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش رٿي وئي آهي.