6 ڪئنالز نامنظور: نوابشاهه ۾ ڌرڻو، منصوبو رد نه ٿيو ته ريلوي ٽريڪ بند ڪنداسين: اڳواڻ

0
27
6 ڪئنالز نامنظور: نوابشاهه ۾ ڌرڻو، منصوبو رد نه ٿيو ته ريلوي ٽريڪ بند ڪنداسين: اڳواڻ
6 ڪئنالز نامنظور: نوابشاهه ۾ ڌرڻو، منصوبو رد نه ٿيو ته ريلوي ٽريڪ بند ڪنداسين: اڳواڻ

نواب شاهه (رپورٽر) نوابشاهه ۾ اينٽي ڪئنالز ايڪشن ڪاميٽي پاران هزارين آبادگارن پيادل مارچ ڪري سيد نواز محمود شاهه، سيد زين شاهه، نبي بخش سٺيو، بشير شاهه، انوار ڪنبوهه، ڪريم ٽالپر، زاهد شاهه، ستار ڏاهري، غلام الدين شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڌرڻي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان جي حڪومت به نٿي ٻڌي، عدالت به نٿي ٻڌي، اسان کي ھڪ وڏو احتجاج ڪرڻو آھي، تحريڪ به ھلائينداسين، اسان کي مجبور نه ڪيو ته اسان قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻون، هنن چيو ته پنھنجي آخري ساهه ۽ رت جي ڦڙي تائين سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ قربان ڪنداسين، هنن چيو ته وفاق سنڌ دشمن منصوبي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي، جيڪڏھن ملڪ جو آئين اسان کي گڏجڻ نٿو ڏئي ته ھي چار يونٽ فوج نه ٺاھي ڏنا ھئا، ھي خيال ھو ته فيڊريشن جيڪي صوبن ٺاھي ھئي اسان ان ڪري فيڊريشن ۾ شامل ٿياسين ته اسان ترقي ڪنداسين، ڪو به استحصال نه ڪندو، جڏھن اسان فيڊريشن ۾ شامل ٿيا ھئاسين ته اسان پنھنجي زمينن، درياھ، سمنڊ ۽ پنھنجي معدنيات سان گڏ شامل ٿيا ھئاسين، هنن چيو ته اسان جڏھن ريلوي ٽريڪ بند ڪنداسين تڏھن حڪمرانن کي ھوش ايندو، ملٽري، بيورو ڪريسي ۽ سياستدانن جي ڪمپنين کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ دشمن منصوبا آندا پيا وڃن، جن کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته هر ٻولي ڳالھائيندڙ ھر مذھب جا ماڻھو وفاق کان مطالبو ڪن ٿا ته اسان جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ بند ڪيو وڃي، نون ڪئنالن جو منصوبو ختم ڪيو وڃي، اسان کي لڳي ٿو ته اسان جو آئين اسان کي محفوظ نٿو ڪري، ڪرپٽ سياستدانن کي آڻي انھن کان لکرائي پنھنجا من پسند فيصلا ڪيا پيا وڃن، جيڪي اسان کي قبول ناھن، سنڌ حڪومت دوکو ڏئي رھي آھي، خط ڏيکاريا وڃن ٿا، ايوان صدر غلط فيصلو ڪيو آھي، جيڪڏھن سنڌ جو پاڻي اقتدار کي سودي ۾ ڏنو ويو آھي ته سودي ڪرڻ وارن تي لعنت وجھون ٿا، اڄ جيڪي احتجاج ڪن ٿا اھي نه صرف توھان جا ووٽر آھن ۽ جيڪي نه آيا آھن انھن جون دعائون اسان سان گڏ آھن، ھنن چيو ته اڄ سنڌ جي شاگردن، ھارين، تاجرن کي اپيل ڪريون ٿا ته ھو اسان سان گڏ ٿين.