اوٽاوا (انٽريسٽنگ نيوز) ڪينيڊا جي هڪ اڌڙوٽ عورت هڪ ڪلاڪ ۾ 1575 پش اپس لڳائي پنهنجو ٻيو گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ورتو، البرٽا سان تعلق رکندڙ 59 سالن جي ڊونا جين وائلڊ عورتن جي ڪيٽيگري ۾ هڪ ڪلاڪ اندر وڌيڪ پش اپس لڳائڻ جو چيلينج کنيو ۽ وقت پورو ٿيڻ کان 17 منٽ پهرين گذريل رڪارڊ کي عبور ڪري وئي، گنيز ورلڊ رڪارڊ سان ڳالهائيندي ڊونا جين وائلڊ جو چوڻ هيو ته اها خوشي جي ڳوڙهڻ ۽ جذبن سان وڙهندي رهي ۽ ڪوشش جاري رکي، هن چيو ته اها باقي 17 منٽن ۾ وڌ کان وڌ پش اپس لڳائڻ جو ارادو رکي ٿي، ان کان اڳ ڊونا عورتن جي ڪيٽيگري ۾ 4 ڪلاڪ 30 منٽ ۽ 11 سيڪنڊ تائين ايبڊومنل (پيٽ ڀر) پلينڪ پوزيشن جو گنيز ورلڊ رڪارڊ به پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي، عورت جڏهن ان رڪارڊ جي ڪوشش ڪئي ته موقعي تي سندس 12 پوٽن پوٽين ۽ ڏوهٽن ڏوهٽين مان 11 موجود هئا.