دمشق: پنجن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين شام تي حڪومت ڪندڙ الاسد خاندان جي اقتدار جو سج لهي چڪو آهي، 197071-1970ع ۾ صدر بشارالاسد جي والد حافظ الاسد بغاوت ذريعي اقتدار ماڻيو هو، جنهن کانپوءِ الاسد خاندان جي اقتدار جي شروعات ٿي. هو 16 نومبر 970ع تي فوجي باغين جو اڳواڻ هو. 1917ع ۾ بعث پارٽي جي اميدوار طور شام جو صدر چونڊيو ويو، سندس مقابلي ۾ ڪو به اميدوار نه بيٺو هو.   1973ع ۾ شام ۽ مصر اسرائيل تي اوچتو حملو ڪيو هو، 1967 جي 6 ڏينهن واري جنگ ۾ اسرائيلي قبضي ۾ ويل زمين کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وئي. ان جنگ ۾ ٻنهي ملڪن يعني شام ۽ مصر کي شڪست ٿي ۽ شام گولان جا جبل اسرائيل کي ڏيڻ تي مجبور ٿيو. 1982ع ۾ حماهه ۾ قتل عام ٿيو حافظ لاسد حڪومت حماهه شهر ۾ اخوان المسلمين جي تحريڪ خلاف خوني آپريشن ڪيو، نهن ۾ 10 کان 40 هزار ماڻهو مارجي ويا هئا.   حافظ لاسد کان پوءِ سندس وڏو پٽ باسل حافظ الاسد امڪاني جانشين هو پر 1994ع ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. ان کان پوءِ حافظ الاسد پنهنجي ننڍي پٽ بشار الاسد کي قيادت لاءِ تيار ڪرڻ شروع ڪيو، ان وقت بشار الاسد اکين جي ماهر طور تربيت حاصل ڪري رهيو هو. سن 2000ع ۾ حافظ الاسد جي لاڏاڻي کان پوءِ باشار الاسد اقتدار ۾ آيو، حافظ الاسد 30 سالن تائين حڪومت ڪئي. صدر ٿيڻ وقت بشار الاسد جي عمر 34 ورهيه هئي. کيس صدر بڻائڻ لاءِ آئين ۾ تبديليون ڪرڻيون پيون هيون. اقتدار ۾ اچڻ بعد بشار الاسد شروعاتي طور محدود سڌارا متعارف ڪرايا، جيئن معشت تي حڪومت جو ڪنٽرول گھٽائڻ، ڪجه سياسي پارٽين تي پابنديون نرم ڪرڻ، پر انهن سڌارن جي زندگي گھٽ رهي ۽ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر آمراڻو رويو اختيار ڪري مخالفن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو. ڪرپشن،معاشي اڻبرابري ۽ سياسي مخالفن کي دٻائڻ وارو سلسلو برقرار رهيو، جنهن سان حالتون خراب ٿي ويون. 2011ع ۾ عرب بهار کان متاثر ٿي شام وري مظاهرين ۽ سياسي آزادي ۽ ڪرپشن جي خاتمي جو مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ گھرو ويڙهه شروع ٿي.  هن گھرو ويڙهه ۾ 3 لک 88 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا ۽هڪ ڪروڙ 20 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿيا.   2013ع م بشار الاسد جي حڪومت تي شهرين مٿان ڪيميائي هٿيارن جي استعمال جو الزام لڳايو ويو. آمريڪا ۽ روس جي دٻاءُ تي شامي حڪومت ڪميائي هٿيار ختم ڪرڻ تي تيار ٿي پر ڪيميائي حملن جون رپورٽون پوءِ به سامهون اينديون رهيون. 2021ع ۾ بشار الاسد چوٿون ڀيرو صدر چونڊيو ويو. کيس 95 سيڪڙو ووٽ مليا. بشار الاسد ورهين بعد عرب رياستن سان لاڳاپا بحال ڪرڻ شروع ڪيا هئا. 2023ع ۾ شام کي هڪ ڀيرو وري عرب ليگ ۾ شامل ڪيو ويو.  هلندڙ سال جي هلندڙ مهيني يعني ڊسمبر 2024ع کان شامي باغين اوچتو تيز رفتاري سان اڳڀرائي شروع ڪري ڏني. انهن چند ڏينهن ۾ حمص ۽ حماهه جھڙن اهم شهرن تي قبضو ڪيو ۽ حلب شهر تي به ڪنٽرول حاصل ڪيو، 8 ڏينهن اندر بشار الاسد جي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو.