ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندن وٽان) سنڌ حڪومت 508 ڪاليجي ليڪچرارن کي اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ڏئي ڇڏي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شبينه حبيب خان، نسيمه شاهين، نازش جعفري، شگفته ارم، روش زهره، شفق زهره، حرا قدير، سعديه پروين ميمڻ، نويده بانو منگي، ندا قدير، فائزه خالد، افشين ناز، سميه انصاري سميت 508 ليڪچرارن کي اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ڏني وئي آهي ٻئي طرف سپلا جي مرڪزي صدر پروفيسر منور عباس ۽ سيڪريٽري شاھجھان پنھو چيو آهي ته  نئين فورٽيئر  فارمولا هيٺ 900 کان مٿي ليڪچرارن کي گريڊ 18هين ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، هنن  صوبائي بورڊ ون ۽ ٽو جا اجلاس گهرائي رهيل استادن کي ترقيون ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي.