سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ 50 ھزار ڀرتين وارو معاملو، ايس ٽي ايس ٻئي مرحلي ۾ ٽيسٽ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، 12 جون کان 21 جون تائين سنڌ جي 10 سينٽرز ۾ پنجين کان 15ھين گريڊ جي خالي آسامين تي انٽر پاس اميدوارن کان ٽيسٽ ورتي ويندي. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ خالي پيل پنجين کان 15 ھين گريڊ جي 50 ھزار آسامين لاءِ گريجوئيٽ اميدوارن کان پوءِ ٻئي مرحلي ۾ انٽر پاس اميدوارن کان ٽيسٽ وٺڻ لاءِ ايس ٽي ايس طرفان شيڊول جاري ڪيو ويو آھي. جاري ڪيل شيڊول مطابق 12 جون کان 21 جون تائين انٽر پاس اميدوار سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ قائم ڪيل سينٽرز تي ٽيسٽ ڏيندا. اميدوارن کان ڪراچي، حيدرآباد، شھيد بينظير آباد، ميرپور خاص، سکر، دادو، جيڪب آباد، نوشھروفيروز، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو ۾ قائم ڪيل سينٽرز ۾ ٽيسٽ ورتي ويندي. پھرين مرحلي ۾ گريجوئيٽ اميدوارن کان ورتل ٽيسٽ ۾ 9 سينٽرز قائم ڪيا ويا هئا، اھڙي طرح ٻئي مرحلي ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ نوشھروفيروز جو ھڪ سينٽر وڌايو ويو آھي. سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ خالي پنجين کان 15ھين گريڊ جي 50 ھزار خالي جاين تي لڳ ڀڳ پوڻا 2 لک اميدوارن درخواستون ڏنيون هيون. پھريون مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد ھاڻي ٻئي مرحلي ۾ ٽيسٽ وٺڻ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آھي.