سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ 5 کان 15هين گريڊ جي 50 هزار نوڪرين لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس طرفان پهرين مرحلو مڪمل، 2 لک 60 هزار کان وڌيڪ اميدوارن ٽيسٽ ڏني. نتيجا اچڻ وارو سلسلو جاري، 40 سيڪڙو مارڪن تي پاس قرار. ٻئي مرحلي جو جلد اعلان ڪيو ويندو. آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس طرفان 5 کان 15هين گريڊ جي 50 هزار نوڪرين لاءِ پهرين مرحلي ۾ 2 لک 60 هزار کان وڌيڪ گريجوئيٽ اميدوارن ٽيسٽ ۾ حصو ورتو، پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو. آءِ بي اي سکر جي انتظامي عملدار زاهد حسين کنڊ مطابق گريجوئيٽ اميدوارن جي اسڪريننگ ٽيسٽ مڪمل ٿي وئي آهي. نتيجا آن لائين اپلوڊ ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته اميدوار کي 40 سيڪڙو مارڪن تي پاس قرار ڏنو ويندو. سوشل ميڊيا تي ٻئي مرحلي جي تاريخ غلط ڏني وئي آهي. ٻئي مرحلي لاءِ تاريخ فائنل ناهي ٿي پر تاريخ جو جلد اعلان ڪيو ويندو. واضح رهي ته پهرين مرحلي ۾ گريجوئيٽس اميدوارن کان سنڌ ۾ قائم ڪيل 9 سينٽرز تي اسڪريننگ ٽيسٽ ورتي وئي آهي. مليل ڄاڻ موجب آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس سکر وٽ هن وقت تائين پهرين کان 15 هين گريڊ تائين جي خالي پيل آسامين لاءِ درخواستون ڏيندڙ اميدوارن جو تعداد لڳ ڀڳ 12  لک آهي. ٻارهين جماعت پاس 5 لک 26 هزار کان وڌيڪ ۽ ميٽرڪ پاس 5 لک 500 کان وڌيڪ اميدوارن نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون آهن.