سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ 5 کان 15 هين گريڊ 50 هزار نوڪرين لاءِ آئي بي اي ٽيسٽنگ سروس سنڌ جي 9 سينٽرز ۾ اسڪريننگ ٽيسٽ جي شروعات ڪري ڇڏي، پهرين ڏينهن  3 لک گريجوئيٽ اميدوارن کان ٽيسٽ ورتي وئي، 22 جنوري تائين گريجوئيٽ اميدوارن کان اسڪريننگ ٽيسٽ ورتي ويندي. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب سنڌ جي مختلف کاتن ۾ خالي پيل جاين تي آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس طرفان اسڪريننگ ٽيسٽ جي شروعات ڪئي وئي آهي، جنهن تحت پهرين مرحلي ۾ گريجوئيٽس اميدوارن کان اسڪريننگ ٽيسٽ 17 کان 22 جنوري تائين جاري ورتي ويندي. آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس طرفان پهرين ڏينهن فيڊرل اردو يونيورسٽي گلشن اقبال ڪراچي، پبلڪ اسڪول لطيف آباد حيدرآباد، پبلڪ اسڪول اوٻاوڙو، بينظير ڀٽو شهيد انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ سائنسز دادو، مير شير محمد ٽالپر پبلڪ اسڪول ميرپورخاص، بينظير پبلڪ اسڪول آف گرلز شهيد بينظير آباد،  پي ٽي سي گرائونڊ لاڙڪاڻو، پبلڪ اسڪول جيڪب آباد ۽ پبلڪ اسڪول سکر ۾3 لک گريجوئيٽ اميدوارن اسڪريننگ ٽيسٽ ۾ حصو ورتو. ڪيترائي اميدوار دير اچڻ توڙي ٻڌايل گهرجون پوريون نه ڪرڻ تي ٽيسٽ کان رهجي ويا. جڏهن ته موبائيل فون جي اجازت نه هجڻ باوجود ٽيسٽ جون تصويرون واٽسپ گروپن جي زينت بڻيل رهيون. جڏهن ته ٽيسٽ جو وقت 12:30 رکيل هيو، پر ٽيسٽ 2:30 بجي شروع ٿي.