اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندڙ اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏيڻ جي درخواست 20 هزار رپيا ڏنڊ لڳائي خارج ڪري ڇڏي، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته ڪهڙي آئيني شق تحت اميدوار کي اليڪشن ۾ 50 سيڪڙو ووٽ لازمي قرار ڏنو وڃي، اليڪشن ۾ ڏنل ووٽن تي ڪامياب اميدوار جو فيصلو ٿيندو آهي ۽ ووٽرز ووٽ ڏيڻ نه وڃي ته ان جو ڇا ٿي سگهي ٿو، جسٽس عائشه ملڪ رمارڪس ڏنا ته پهريان ٻڌايو وڃي ته درخواستگذار جا ڪهڙا بنيادي حق متاثر ٿيا آهن ۽ ڪهڙي آرٽيڪلز جي ڀڃڪڙي ٿي آهي، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن نئون قانون ٺهرائڻو آهي ته سپريم ڪورٽ وٽ اختيار ناهي، جسٽس مسرت هلالي چيو ته سڀني ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ جو حق آهي پولنگ واري ڏينهن ماڻهو ٽي وي ڏسندا آهن ووٽ ڏيڻ ناهن ويندا، ووٽ نه ڏين ته اها ووٽرز جي ڪمزوري آهي، جسٽس مندوخيل سوال ڪيو ته اوهان فيبروري 2024ع ۾ ووٽ ڏنو هو؟ درخواستگذار محمداڪرم چيو ته ووٽ نه ڏنو هو، جسٽس مندوخيل چيو ته پوءِ ته اوهان آئين جي توهين ڪري رهيا آهيو، عدالت بي بنياد ڪيس تي درخواستگذار مٿان 20 هزار ڏنڊ لڳايو، درخواستگذار چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 100 ارب ڏنڊ لڳايو ته جيئن ملڪ جو قرض لهي وڃي، جسٽس مندوخيل کيس چيو ته 100 ارب جو ڏنڊ ڀرڻ جي اوهان جي حيثيت ناهي. آئيني بينچ آزاد اميدوارن جي سياسي جماعتن ۾ شموليت جو پابند بڻائڻ بابت به درخواست اڻ اثرائتي قرار ڏئي اڪلائي ڇڏي.