وفاقي سرڪار پاران 5 سالن کان گم ماڻهن جي خاندانن لاءِ 50-50 لک روپيا ڏيڻ جو اعلان

0
48
وفاقي سرڪار پاران 5 سالن کان گم ماڻهن جي خاندانن لاءِ 50-50 لک روپيا ڏيڻ جو اعلان
وفاقي سرڪار پاران 5 سالن کان گم ماڻهن جي خاندانن لاءِ 50-50 لک روپيا ڏيڻ جو اعلان

وفاقي سرڪار پاران 5 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين گم رهندڙ ماڻهن جي خاندانن کي 50-50 لک روپيا ڏيڻ جو اعلان

وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن جي مدد لاءِ رياست غير معمولي ۽ تاريخي فيصلو ڪيو آهي

ڪابينا جي اجلاس ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، گم ٿيل ماڻهن سان ڪجهه انساني مسئلا به جڙيل آهن، ڳجهن ۽ رياستي ادارن سان مشاورت بعد رپورٽ تيار ڪئي وئي

وفاقي ڪابينا 5 سالن کان گم ماڻهن جي خاندانن لاءِ 50-50 لک روپين جي منظوري ڏني، رياست ماءُ جيان هوندي آهي، ان سوچ تحت متاثر ماڻهن کي رليف ڏنو پيو وڃي