اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جو جلسو ملتوي ٿيڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ 5-5 هزار رپيه ورهايا ويا. وڏي وزير علي امين گنڊاپور صوابي پهچي ڪارڪنن ۽ گاڏين جي ڊرائيورن ۾ 5-5 هزار رپيه ورهايا، ان موقعي تي شبلي فراز ۽ عمر ايوب به موجود هئا. ڪي پي ڪي جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته ڪارڪنن ۾ پئسن جي ورهاست جو ڪوبه وڏو سبب نه آهي ڪي پي ڪي جو وڏو وزير غريبن جو همدرد آهي انهي پنهنجي کيسي مان پئسا ورهايا آهن.ذريعن موجب خيبرپختونخوا جي وڏي وزير هر حال ۾ جلسو ڪرڻ چاهيو ٿي، علي امين ۽ اسد قيصر ۾ طئي ٿيو هو ته اسلام آباد جو جلسو هر حال ٿيڻو آهي.