ميلان (انٽرسٽنگ نيوز) اٽلي ۾ هڪ عورت دنيا جي ٿلهي ترين زبان رکندڙ عورت جو اعزاز ماڻي ورتو آهي. 37 ورهين جي ايمبرا ڪولينا جي زبان ٿلهي هجڻ ڪري ان جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته هڪ ڊاڪتر اپران کيس ڪولينيا جي زبان جي ماپ ڪرڻ جو چيو ۽ ٽي ڀيرا سندس زبان جي ماپ ڪئي وئي ۽ آفيشل اوسط ماپ 5.44 انچ ظاهر ٿي. ايمبرا ڪولنيا کان اڳ اهو رڪارڊ آمريڪا جي رياست اوريگن سان تعلق رکندڙ جيني ڊووينڊر وٽ هو، جنهن جي زبان جي ٿولهه 5.21 انچ هئي.