قمبر: ٻنهي ڌرين جو تعلق جاگير واري علائقي جي ڳوٺ جمال خان چانڊيو سان آھي، جوابدار ڌر حاڪم علي چانڊيو ۽ مقتول محمد چانڊيو پاڻ ۾ ويجها عزيز ۽ چانڊيا برادري جي قاسماڻي پاڙي سان آھي، ڌرين ۾ سال اڳ 5 هزار  جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن ۾ حاڪم چانڊيو جو پٽ سراج ۽ مقتول محمد جو ڀاءُ ظھور مارجي ويا هئا، جنهن بعد مقتول محمد جي ڌر ڳوٺ مان لڏي ڪاڇي جي علائقي جي ڳوٺ غوث بخش چانڊيو ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي،