لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنجاب اسيمبلي جي مخصوص سيٽن جي حوالي سان جاري ڪيل حڪم کانپوءِ  صوبائي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اتحاد ۽ پي ٽي آءِ جي نمبر گيم جي صورتحال ڪهڙي هوندي؟ حمزا شهباز 16 اپريل تي پنجاب جو وڏو وزير چونڊيو هو، کيس 371 جي ايوان ۾ 197 ووٽ مليا هئا جڏهن ته حمزا شهباز کي ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ جا 25 ميمبر ڊي سيٽ ٿيا جنهن کانپوءِ پنجاب اسيمبلي ميمبرن جو انگ 346 ٿي ويو. هن وقت پنجاب اسيمبلي ۾ حڪومتي پارٽي ن ليگ وٽ 166 سيٽون آهن جڏهن ته پيپلزپارٽي جا، ٽي آزاد ۽ هڪ راهه حق پارٽي جو ووٽ به ن ليگ وٽ آهي، اهڙي ريت ن ليگ جي حڪومتي اتحاد جي ووٽن جو انگ 177 ٿئي ٿو. 2018 جي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي پنجاب اسيمبلي ۾ 183 سيٽون مليون هيون پر 25 ڦريل ميمبرن جي ڊي سيٽ ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جون سيٽون 158 رهجي ويون. هن وقت پنجاب اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جا 158 ۽ ق ليگ جا 10 ميمر گڏائي اپوزيشن جا 168 ميمبر ٿين ٿا ان لاءِ پي ٽي آءِ کي رڳو 5 مخصوص سيٽون ملي به وڃن ته اپوزيشن اتحاد جو انگ 173 ٿئي ٿو يعنيٰ مخصوص سيٽن کانپوءِ به حڪومتي اتحاد کي پوزيشن تي 4 ووٽن جي سرسي حاصل رهندي.