اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي وزيراعظم کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي. ڇا اهو انصاف آهي؟ ڇا انصاف جا ٻئي پلڙا برابر آهن؟ عدليه جي پنهنجي ڪنڊڪٽ ۽ فيصلن سان سڃاڻپ ٿيندي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سياست جنهن اسٽيج تي پهچي چڪي آهي سپريم ڪورٽ کي پاڻ کي ان کان محفوظ رکڻ گهرجي. عدالت جو ڪردار تاريخ ساز هوندو. بدقسمتي سان سمورا ادارا انتشار جو شڪار آهن. خواجه آصف چيو ته سپريم ڪورٽ پاڻ کي سياست جي دلدل کان محفوظ رکي. دهشتگردي جو سوال ان کان ڪريو جيڪي ان کي کڻي آيا آهن. هن وقت اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي وزيراعظم کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. ڇا اهو انصاف آهي؟ هن چيو ته آئين چوي ٿو ته پٽڙي برابر ڪريو. ڇا اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ جسٽس کوسه پلڙا برابر رکيا هئا؟ سپريم ڪورٽ اندر اتحاد جو مظاهرو نه پيو ٿئي ته سياسي پارٽين کي ڪيئن اتحاد جو چونداسين؟ هن چيو ته سياست سياستدانن تائين رهڻ ڏيو، جن ادارن جي هٿ ۾ تارازي آهي اتي سياست داخل نه ٿيڻ ڏيو. سياست کي اهڙن ادارن ۾ نه کڻي وڃو جن جو ڪم انصاف آهي، عدالت کي اهڙا فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي جن سان وڇوٽيون ختم ٿين ۽ سپريم ڪورٽ آئين جو تحفظ ڪندي نظر اچي، سمورن ججز تي لازمي آهي ته هو پنهنجن فيصلن ۽ ڪنڊڪٽ سان اداري جي عزت جو تحفظ ڪن، عدالت عظميٰ تاريخ جي جنهن موڙ تي بيٺي آهي، اُتي عدليه جو رول به تاريخي هوندو، انصاف جي تارازي جا پلڙا برابر رکيا وڃن، هن چيو ته ڳالهين جي باري ۾ خبر ناهي پر ڪاميٽي جي سرڪاري حيثيت ناهي.