اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئين فنانس بل جي سيڪشن 37 اي اي ۾ گرفتاريءَ بابت قانونن تي وزيراعظم شهباز شريف واپارين جو مطالبو مڃي ورتو. ايندڙ مالي سال کان ٽيڪس آفيسر ڪنهن به ڪمپني جي سي اي او کي ٽيڪس فراڊ جي نالي تي گرفتار نه ڪري سگهندو. وزيراعظم فنانس بل ۾ سيڪشن 37 اي اي جا رولز نرم ڪري ڇڏيا. وزيراعظم ۽ معاشي ٽيم جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. واپارين جي گرفتاري بابت وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. ذريعن مطابق ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث ڪنهن به شخص جي گرفتاري جي اجازت ٽن ميمبرن تي ٻڌل بورڊ ڏيندو. ٽيڪس فراڊ جي الزام هيٺ گرفتار شخص کي 24 ڪلاڪن اندر مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو ويندو. پنج ڪروڙ رپين کان گهٽ ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي گرفتار نه ڪيو ويندو. پنج ڪروڙ کان گهٽ ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث شخص خلاف جاچ جاري رهندي. ذريعن مطابق گرفتاري صرف تڏهن ٿيندي، جڏهن ٽن نوٽيسن باوجود به لاڳاپيل اٿارٽي آڏو پيش نه ٿيندو. جيڪڏهن شڪ هجي ته ملوث شخص ثبوت ضايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تڏهن گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ملوث شخص جي ملڪ کان فرار ٿيڻ جو خطرو هجي تڏهن به گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي. واضح رهي ته فنانس بل ۾ ٽيڪس فراڊ ڪندڙ واپارين جي گرفتاري ۽ 10 سال قيد جي سزا جي تجويز ڏني وئي آهي، ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته باقاعدگي سان ٽيڪس ڏيندڙن کي هراسان ڪرڻ قبول ناهي، اهڙي ڪنهن ترميم کي ڪاروباري برادري يا ٽيڪس ڏيندڙن خلاف هرگز استعمال نه ڪيو ويندو، وزيراعظم ڪاروباري ماڻهن کي هراسان ڪرڻ واري معاملي تي خصوصي ڪاميٽي جوڙڻ جي به هدايت ڪئي، پارليامينٽ ۾ موجود پارٽين سان به مشاورت جو حڪم ڏنو.