5 هزار سال پھريون اسان وٽ ڪھڙا وڻ هئا؟ … مير الطاف حسين ٽالپر

0
43
5 هزار سال پھريون اسان وٽ ڪھڙا وڻ هئا؟ ... مير الطاف حسين ٽالپر

ڪجھه ڏينھن اڳ پنھنجي آفيس ڪئبن ۾ ڪم ڪري رھيو ھيم ته نوجوان آرڪيالاجسٽ مھر علي شر خيرپور جي ھڪڙي قديم ماڳ مان مليل ٺڪر جي برتن جو ٽڪرو کڻي آيو جنھن تي ڪنھن وڻ جي پن جو عڪس رنگ سان چٽيل ھو. مھر علي شر آرڪيالاجي ۾ پي ايچ ڊي ڪري رھيو آھي ۽ ان جي تحقيق جو موضوع خيرپور جا قديمي ماڳ آھن. اسان جو موضوع گفتگو ان ھزارين سال اڳ واري چٽيل تصوير ۾ ظاھر ڪيل وڻ ھيو. مھر علي سمجھڻ پئي چاھيو ته اھو چٽيل ڪھڙي وڻ جي پن جو ٿي سگھي ٿو. جيئن ته اسان جو نوجوان نسل اھڙي دور ۾ ھوش سنڀاليو آھي جيڪو ديسي ۽ مقامي اصل شين کان تمام پري ٿي چڪو آھي. گذريل 200 سالن ۾ ھتي ھٿ وٺي پوري ڪوشش ڪئي وئي آھي ته اصل مقامي شين کي نيست نابود ڪري ”ٻاھريون“ ”ڌاريون“ شيون عام ڪجن، پوءِ اھي شيون ڀلي ڪھڙي به روپ ۾ ھجن. ان سلسلي جي ابتدا ست سمنڊ پار کان آيل انگريزن ارڙھين صدي عيسوي کان ڪئي. انھن مقامي صنعت، ھنر ۽ واپار کي تباھه ڪري ھتي consumer society کي ھٿي وٺرائڻ خاطر ”ديسي“ ۽ ”ولايتي“ لفظن کي ڪنھن به شئي جي معيار Quality کي سادي انداز سان بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو، ديسي معنيٰ ناقص، خراب ۽ ڪمتر معيار ۽ ولايتي معنيٰ بھترين ۽ اعلي معيار جنھن جو نه ڪو مٽ نه ثاني.

 انگريز صنعتڪار به ھئا، ھنرمند به ھئا، جاکوڙي ۽ مستقبل شناس به ھئا ته واپاري به ھئا. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته انھن جون ٺھيل ڪيتريون ئي شيون ھتان جي ٺھيل شين کان بھتر ھيون ۽ قيمت ۾ به سستيون ھيون. انڪري اھي ٻئي لفظ ”ديسي“ ۽ ”ولايتي“ اتان کان معيار يا Quality جي علامت بڻجي ويا. جيڪڏنھن اھي علامتون صرف انسان جي تيار ڪيل شين تائين محدود رھن ھا ته خود اسان جي لاءِ به بھتر ثابت ٿين ھا جو اسانجا ھنرمند ۽ صنعتڪار انھن جي مقابلي ۾ پنھنجي شين ۾ تبديليون آڻي مقابلو ڪن ھا مگر ائين ڪونه ٿيو. اسانجي ھنرمندن، صنعتڪارن، سرمايه دارن ۽ حڪمرانن محققن ۽ موجدن تي سرمايو لڳائڻ ۽ انھن کان مدد وٺڻ گهاٽي جو سودو سمجھي پنھنجي شين جو معيار بھتر بنائڻ بجاءِ ڪم جاري رکيو جنھن جي نتيجي ۾ ھو پاڻ به تباھه ۽ محتاج ٿي ويا ۽ پنھنجي سماج کي به ڪنزيومر سوسائٽي ۾ بدلائي ”ديسي“ ۽ ”ولايتي“ لفظن کي معيار بڻائي ويٺا. اھي ٻئي لفظ اڳتي ھلي قدرتي مخلوقات تي به استعمال ٿيڻ لڳا.

جانور، پکي، وڻ، ٻوٽا ھر فطري مخلوق ديسي ۽ ولايتي ڪيٽيگري ۾ ورھائجڻ لڳي. انگريز ويا مگر انھن جو پيدا ڪيل ورثو ھتي ئي رھيو ۽ اڳ کان اڳرو ٿيندو ويو. ديس جي مٽي مان پيدا ٿيندڙ جنسون ديسي بڻجي بيڪار ٿينديون ويون ۽ ”ٻاھران“ آيل يا گهرايل ھر بيڪار جنس ھتي ولايتي بڻجي حڪمران بڻبي وئي. اسانجي ڌرتي به قيدي بڻجي ويئي ته ڌرتي تي رھندڙ جاندار به قيدي بڻجي ويا. انگريزن کان اڳ اسان جا جانور ھتان جي ڌرتي مان ڦٽل ديسي گاھه کائيدا ھئا پر انگريزن انھن ديسي گاھن کي بي وقعت بڻائي ٻاھران ”ولايتي“ گاھه آندا جن ۾ ھڪڙو گاھه ”جنتر“ به آھي. جنتر انگريزن کان اڳ سان وٽ ڪونه ھو پر ان ئي خاندان جون ٻيون جنسون اسان وٽ قديم زماني کان موجود آھن، جن ۾ ”مانجھاندڙي“ به شامل آھي.

نوجوان مھر علي شر جو چوڻ ھو ته ٺڪري تي ٿيل چترڪاري ڏسندي سندس پھريون ڌيان ”جنتر“ ڏانھن ويو ته ھي چتر جنتر جي پن جھڙو ٿو لڳي، پوءِ سوچيو ته جنتر ته اسان وٽ ھاڻي آيو، ھزارين سال اڳ ته ڪونه ھو؟ انڪري ھو ان سلسلي مونسان مشورو ڪرڻ آيو ته جنتر جي پن سان مشابھت رکندڙ پنھنجا قديم ديسي وڻ ٻوٽا ڪھڙا آھن؟ يقينن ھزارين سال اڳ جنھن چترڪار ھن ٺڪر تي چٽسالي ڪئي ان جو ذھن پنھنجي مقامي يا ديسي وڻ ٻوٽي جي سونھن ۽ سوڀيان کان ئي متاثر ٿيو ھوندو نه؟

خير نوجوان مھر علي سان ته ان وقت ڪافي سارن ديسي وڻن ٻوٽن تي گفتگو ٿي پر ان گفتگو کان پوءِ منھنجي ذھن ۾ وري اھا اڻ تڻ پيدا ٿي ته 5 ھزار سال پھرين جڏھن اسانجي ڌرتي تي دنيا جي عظيم تھذيب عروج تي ھئي ته ان دور ۾ اسانجي ڌرتي ڪھڙن ”ديسي“ وڻن ٻوٽن سان سجايل سينگاريل ھئي؟ ان سلسلي ۾ ڳولا ڪندي مونکي ھندستان جي ٻن جاکوڙي انسانن جوگڏيل تحقيقي مضمون رھنمائي لاءِ ملي ويو. انھن جاکوڙي ڪردارن جا نالا آھن R. B. Mohanty ۽ T. Panda. انھن جو ھي گڏيل تحقيقي مضمون Historical Notes نالي جرنل ۾ ڊسمبر 2020ع ۾ شايع ٿيو. ان مضمون جو عنوان آھي Plant Domestication in Indus Valley Civilisation. ننڍڙو 5 صفحن جو مضمون آھي مگر ان جي اندر تمام اھم ۽ دلچسب معلومات سمايل آھي.

ھنن محققن جاگرافيائي طور تي قديم سنڌو تھذيب جي دائري ۾ ايندڙ علائقن کي 3 حصن ۾ ورھايو آھي ۽ ھر حصي جي کوٽائين ۽ تحقيق مان جن جن وڻن ٻوٽن جا آثار يا نشان مليا آھن انھن کي الڳ الڳ بيان ڪيو آھي. پھريون حصو آھي اولاھون پاسو جنھن ۾ مُھين جو دڙو، ھڙپا، چاھيون وارو دڙو وغيرو اچي وڃن، ٻيو حصو اتر اوڀر وارو آھي جنھن ۾ ھندستان جا پنجاپ ۽ ھريانه وغيرہ شامل آھن ۽ ھن حصي جا آثار گهڻي ڀاڱي قديم سرسوتي يا ھاڪڙي درياھه جي ڀرپاسي سان دريافت ٿيل آھن. ٽيون حصون انھن ڏاکڻي ڀاڱي کي قرار ڏنو آھي جنھن ۾ ڪڇ ۽ گجرات واري حصي جا قديم آثار شامل آھن.

جيڪڏھن انھن ٽنھي جاگرافيائي ورھاستن تي غور ڪجي ته اسانجي سنڌ انھن ٽنھي ورھاستن جي عين مرڪز ۾ بيٺي آھي. اولھه ۾ مھين جو دڙو، آمري، مھرڳڙھه وغيره، اوڀر ۾ گهگهر ھاڪڙو درياھه جيڪو ھاڻي به نارو واھه جي صورت ۾ وھي رھيو آھي ۽ ڏکڻ ۾ بدين ۽ ٿر کان شروع ٿيندڙ رڻ ۽ رڻ کان ھيٺ ڪڇ ڀڄ. سو يقينن 5 ھزار سال اڳ واري سنڌ ۾ به انھن ٽنھي حصن وارا وڻ ٻوٽا ھتي به ھئا جيڪي اڃا به آھن. ھنن محققن جن وڻن جا نالا ڏنا آھن انھن ۾ کجي، ڏاڙھون، ناريل، ليمون، ديال / ديودار، ٽاري / ٽالھي جا 2 قسم ، ٻير، ٻٻر، ڪنڊي/ڪنڊو، گولر انجير(Ficus racemosa/ Ficus glomerata)، لئو، گگرال جو ھڪ قسم Boswellia serrata (ھي جنس ھاڻي سنڌ ۾ ڪٿي ڪونه ٿي نظر اچي.)، تُوت جو ھڪ قسم Morus Indica, کبڙ، ڄار، سرينھن/ سريل، Terminalia (ھي شايد جهنگلي بادم سڏجي؟)، Terminalia anogeissiana (ھن مان اعليٰ قسم جي کنئور ملندي آھي جيڪا قديم زماني کان لکائي ۾ استعمال ٿيندي ھئي)، آريٺو، آملاه / آنوريا، شيڪاڪائي/ گاميش، ساڳوان، Adina cordifolia, نم، صندل شامل آھن.

مٿي ڄاڻيل تقريبن سڀ وڻ اڃان تائين به موجوده سنڌ ۾ آھن. ڪجھه اھڙا آھن جيڪي ھاڻي شايد جهنگ ۾ قدرتي طور تي پيدا ٿيل نه لڀن؟ جنھن جو سبب اسان انسان آھيون جن پنھنجي مفادن لالچ سبب پنھنجي ڌرتي جي قدرتي تخليق کي بگاڙي ڇڏيو آھي. (فيس بوڪ تان ورتل)