اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سوشل ميڊيا تي 5 هزارن جي نوٽ جي بندش بابت نوٽيفڪيشن جعلي قرار ڏئي ڇڏيو. مرتضيٰ سولنگي ايڪس تي سوشل ميڊيا تي وائرل جعلي نوٽيفڪيشن شيئر ڪيو آهي، جنهن ۾ ناڻي واري وزارت طرفان 5 هزار رپين جي نوٽ جي بندش جو اعلان ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وزير لکيو ته 5 هزار رپين بابت اهو نوٽيفڪيشن ڪوڙو آهي، حڪومت اهڙيون خبرون پکيڙيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي.