ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) پرڏيهي سيڙپڪارن جي نمائندگي ڪندڙ اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس 5000 رپين جو ڪرنسي نوٽ  بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، چيمبر  موجب 5,000 رپين جو نوٽ  ختم ڪرڻ سان ڪيش ٽرانزيڪشن (روڪ ڏيتي ليتي) بدران ڊجيٽل ادائيگي کي هٿي ملندي، ساڳئي وقت جعلسازي ۾گهٽتائي ايندي. چيمبر موجب ايندڙ بجيٽ ۾ شين جي وڪري تي سيلز ٽيڪس جي شرح کي هڪ سيڪڙو گهٽائي 15 سيڪڙو ڪيو وڃي، ٽيڪس کان جي ڊي پي جي شرح کي پڻ 14 سيڪڙو ڪيو وڃي، ڪارپوريٽ ٽيڪس جي شرح کي 28 کان گهٽائي 25 سيڪڙو ڪيو وڃي، ايندڙ ٽن سالن ۾ 6 سيڪڙو سپر ٽيڪس ختم ڪيو وڃي  فاٽا۽ پاٽا کي  ڏنل ٽيڪس جي ڇوٽ ٽن سالن ۾ ختم ڪئي وڃي، ٽيڪس ريفنڊ حاصل ڪندڙن جي فهرست شايع ڪئي وڃي. ٽيڪس رٽرن فائلنگ سسٽم ڊجيٽل هجڻ گهرجي، گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس لائق آمدني جي حد 12 لک رپيا مقرر ڪئي وڃي، جڏهن ته 6 لک رپين تائين آمدني تي 1,000 رپين جو ٽوڪن ٽيڪس گڏ ڪيو وڃي.