سکر (بيورو رپورٽ) ڊپٽي ڊائريڪٽر سائيبر ڪرائيم سکر چوڌري عبدالرئوف چيو آھي ته سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊوينز مان مليل شڪايتن تي 47 ايف آءِ آرز داخل ٿيڻ بعد مختلف نوعيت جي ڪيسن ۾ 50 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آھي. ميڊيا سان ڳالھائيندي  ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم وڌيڪ چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ وڏي پئماني تي جعلسازي وارين شڪايتن تي به ڪارروايون جاري آهن. غيرقانوني گم ڪندڙ گروھ دوکي سان ڳوٺاڻن جي  آڱوٺن جا نشان وٺي موبائيل سمز رجسٽرڊ ڪن ٿا.  اِن قسم جي گروھ وٽ آڱوٺن جا نشان به ڪاپي ٿيل موجود ھجن ٿا. اھڙي غيرقانوني عمل ۾ ملوث عنصرن کي حراست ۾ ورتو ويو آھي. هن ٻڌايو ته عورتن ۽ نياڻين کي حراسان ڪرڻ واريون شڪايتون وڌيڪ آھن. اِن قسم جي ڪيسن ۾ ڄاڻ نه ھجڻ ۽ عزت جي خوف سبب متاثر خاموش ھجن ٿا، تنھن ڪري عوام کي ڄاڻ لاءِ آگاھي مھم ھلائي ويندي. ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم چوڌري عبدالرئوف جو چوڻ ھو ته سنڌ ۾ سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ سائيبر ڪرائيم ڪم ڪري رھي آھي. اِن موقعي تي ايس ايچ او سائيبر ڪرائيم زمان سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.