حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي جتوئي ھائوس شڪارپور تي بجاراڻي- تيغاڻي خوني تڪرار واري جرڳي کي عدالتن ۽ قانونن کان مٿانھون عمل قرار ڏيندي 46 انساني قتلن کي جاگيرداري ۽ قبائلي جرڳي ذريعي نبيرڻ کي انساني تذليل سڏيو آھي. ھن چيو آھي ته اھو ڪٿان جو انصاف آھي ته عدالتي ۽ ملڪي قانونن جي موجودگي ۾ سردار، ڀوتار ۽ قبائلي جاگيردار انساني خونن جو نبيرو ڪري پوليس جو سھڪار حاصل ڪري قانون ۽ انصاف جون ڌڄيون اُڏائيندا رھن ۽ مقتولن جي خونن جون ڳريون رقمون حاصل ڪري پنھنجا پيٽ ڀري عام ماڻھن کي پنھنجا مطيع بنائيندا رھن. هن چيف جسٽس آف پاڪستان کي ھن جرڳي ۽ جرڳائي سسٽم جو نوٽيس وٺي ھن قبائلي رسم ۽ فيصلن تي بندش وجھڻ جي گهر ڪندي چيو آهي ته ڀوتارن کي قانون ھٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏيڻ گھرجي. ھڪ طرف سڪرنڊ تعلقي جي پرامن ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ رياستي ادارن ضلعي جي نااھل ايس ايس پي کان سڪرنڊ ۽ ماڙي جلباڻي جي مقامي ٿاڻن جي پوليس کي ڇڏي، کڏھر، ايئرپورٽ، بالو جي قبن، اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻن نوابشاھ جي لاتعداد پوليس نفري ۽ درجن کان وڌيڪ موبائلون ۽ ٻي مدد ۽ سھڪار وٺي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ماڙي جلباڻي جا چار معصوم پورھيت ۽ ھاري سجاول، نظام، اڪن عرف امام بخش ۽ ميھار جلباڻي شھيد ۽ چار ڄڻا الھداد، امام الدين، علي نواز ۽ سارنگ جلباڻي شديد زخمي ڪيا. عورتن ٻارن تي تشدد ڪيو ۽ ھر طرف ھراس پکيڙيو ۽ مٿان وري ساڳئي ڏينھن ماڙي جلباڻي جي 250 معصوم ماڻهن تي ڪوڙي ايف آءِ آر ڪٽرائي کين خودڪش بمبار، دھشتگرد قرار ڏئي انصاف جون ڌڄيون اُڏايون ويون آھن. ٻئي طرف قبائلي سردارن کي جرڳن جي اجازت ڏئي 46 خونن جا معاوضا وٺي پنھنجي ڄمت ماڻهن تي قائم ڪرڻ جي ڇوٽ ڏني آھي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ انھن عملن جي مذمت ڪندي ھاءِ ڪورٽ جي ڪنھن لائق ۽ منصف مزاج جج جي نگراني ۾ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي گھر ڪئي آھي ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي جوڙيل نام نھاد ڪميشن کي رد ڪيو آھي جنھن رياستي آپريشن جي سھڪاري ايس ايڇ اوز کان پڇا ڳاڇا ڪري شھيدن جي خونن سان مذاق ڪئي آھي. هن چيو ته شڪارپور جرڳي ۽ ماڙي جلباڻي سانحي لاءِ مقرر ڪيل ڪميشن جي ساڳي حيثيت آھي جيڪا اسان کي ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي. ماڙي جلباڻي جي واقعي ۾ شھيدن جي قتل ۾ ملوث ڳجھن ادارن ۽ آپريشن جي سرڪاري ايس ايس پي نوابشاھ، ايئرپورٽ، اي سيڪشن، بي سيڪشن ۽ کڏھر ٿاڻي جي ايس ايڇ اوز ۽ ليڊيز پوليس جي اڳواڻ مريم ڀرٽ ۽ ٻين کي تحويل ۾ وٺي آزاد عدالتي جاچ ڪرائي شھيدن جي قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي.