ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سپر اسٽار اداڪارا ڪرينا ڪپور  انڪشاف ڪيو ته منهنجي ۽ سيف علي جي شادي ڪرڻ جو اڪيلو سبب اهو هو ته اسان ٻار چاهيون پيا.ڪرينا ڪپور ٻڌايو ته آئون ۽ سيف شادي کان اڳ لِو ان رليشن شپ ۾ هئاسين، يعني گڏ رهندا هئا، جڏهن اسان ٻيو قدم کڻڻ جو سوچيو جيڪو شادي هو ته ان جو سبب اهو هو ته اسان ٻارن جا خواهشمند هئاسين نه ته اسان ائين به رهي سگھون پيا.اداڪارا جو چوڻ هو ته آئون چاهيو پئي ته پنهنجي زندگي پنهنجن ٻارن جي آڏو گذاريان، پنهنجو هر ڪم انهن سان گڏ ڪرڻ چاهيان ٿي.ڪرينا اهو به چيو ته هاڻي آئون پنهنجي خانداني زندگي ۾ سڪون چاهيان ٿي ۽ ٻين سان ملاقات وغيره جو هاڻي ڪو به شوق ناهي، منهنجي زندگي مڙس ۽ ٻارن جي چوڌاري گھمي ٿي ۽ انهن سان ئي گھڻي خوش به آهيان. ڪرينا ڪپور اها دعويٰ به ڪئي ته جيتوڻيڪ هوءَ 43 ورهين جي ٿي چڪي آهي ۽ هوءَ 2 ٻارن جي ماءُ آهي پر ان جي باوجود هوءَ اڄ به خوبصورت ۽ پرڪشش آهي