نارٿ ڪيرولينا( انٽرسٽنگ نيوز) نارٿ ڪيرولينيا ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ليپ ٽاپ ايجاد ٿيو آهي جنهن جو وزن 100 پاونڊ ۽ اسڪرين 43 انچ آهي. هي دنيا جو سڀ کان وڏو ليپ ٽاپ عام ليپ ٽاپ جيان ڪم ڪري ٿو. ان کي يوٽويبر جوڙي ايوان ۽ ڪيٽلِن تيار ڪيو آهي، جيڪو ٽيڪنالوجي جون دلچسپ شيون ٺاهيندو آهي. هن ليپ ٽاپ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڌاتي پليٽون استعمال ڪيون ويون آهن، جيڪي ان جي وزن کي وڌائي ڇڏين ٿيون. ڪيترن ئي مهينن جي محنت کان پوءِ ايوان ۽ ڪيٽلن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته اهڙو ليپ ٽاپ ٺاهي سگهجي ٿو. هن ليپ ٽاپ جو هيٺيون تختو ڪاٺ جو ٺهيل هي ۽ ان ۾ ڌاتي ليور لڳائي ليپ ٽاپ اسڪرين گهمائڻ جي سهولت ڏني وئي آهي. پر پاسن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فولادي پٽيون لڳايون ويون آهن. ڪي بورڊ به رُڪ جو ٺهيل آهي. جنهن کي ري ڊريگن جي 605 مشيني ڪي بورڊ جو نالو ڏنو ويو آهي. مائوس پيڊ جي جاءِ تي ٽيبليٽ جيترو هڪ هڪ ٽچ پيڊ لڳايو ويو آحي جيڪو ان جي نواڻ وڌائي ٿو. جيتوڻيڪ هي عام ڪمپيوٽر جيان هلندو آهي پر ان کي گيمرز ساراهيو آهي جيڪي وڏي اسڪرين تي گيم جو مزو وٺڻ چاهين ٿا.