ڪوٽ لالو/ پير وسڻ (نمائندن وٽان) ڪوٽ لالوءَ جي پڇڙيءَ وارن چئن واهن فيض گنج واھ، علي نواز واھ، پندرهيو واھ ۽ ويھو واھ کي منڍ جي بااثر زميندارن پاران غيرقانوني ڪٽ ھڻڻ ۽ جهٽن ذريعي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ خلاف پڇڙيءَ جي چئن يونين ڪائونسلن ڪوٽ لالو، امن راڄپر، رضا آباد ۽ يو سي پنهل خان راڄپر جي آبادگارن، شھرين ۽ ڳوٺاڻن معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت مهراڻ نيشنل ھاءِ وي تي ڪوٽ لالو شھر جي مين چوڪ وٽ نٽهڻ اس ۾ 5 ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون. آبادگار اڳواڻن غلام مصطفيٰ بگھڙ، ظھور راجپوت، پرويز انڙ، ممتاز آرائين، تصور باقي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته منڍ جا بااثر واھن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري رھيا آھن، جنهن ڪري پڇڙيءَ ۾ پاڻيءَ جا تلاءَ بڻجي چڪا آھن. واھن کي لڳل گھارا اڃا تائين بند نه ٿيا آھن. علي نواز واهه کي گذريل ٻن مهينن کان گهارا لڳل آهن. امن مائينر کي لڳل گھاري کي ھڪ ھفتو گذري چڪو آھي. واهن کي هنيل ڪٽ ۽ گھارا بند نه ٿيڻ ڪري پڇڙيءَ جا سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ آھن. ڪڻڪ ۽ سرنھن جا فصل پوکي نه سگهبا. ھنن مطالبو ڪيو ته منڍ ۾ لڳل غيرقانوني ڪٽ فوري طور بند ڪري ڪٽ هڻندڙ بااثرن سميت ملوث آبپاشي عملدارن تي ايف آءِ آرز داخل ڪئي وڃي. ٻئي پاسي پنجن ڪلاڪن بعد اي سي فيض گنج مستقيم قريشي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي اڳواڻن کي ٻن ڏينھن اندر منڍ جا ڪٽ بند ڪرائڻ جي خاطري ڏياري احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو. هوڏانهن پيروسڻ ڀرسان مھراڻ ھاءِ وي ملڪ چودڳي ڀرسان ٻوڏ متاثرن پاران راشن نه ملڻ خلاف مھراڻ ھاءِ وي تي رڪاوٽون رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي ٽن ڪلاڪن تائين گاڏين جي اچ وڃ بند ڪري ڇڏي. ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان غريب پورهيتن کي اڄ هڪ هفتو گذري ويو آهي پر راشن توڙي ٻيو سامان نه ملي سگهيو آهي. اسان جا ٻچڙا بک وگهي مري رهيا آهيون.