بيروت(انٽرسٽنگ نيوز) لبنان سان تعلق رکندڙ نوجوان 4 منٽن ۾ سمورن ملڪن جا جهنڊا سڃاڻي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو، گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ نالو شامل ڪيو ويو. گنيز ورلڊ رڪارڊ موجب 16 سالن جي حسن داوي 2021ع ۾ ٺاهيل رڪارڊ جي وقت کان 6 سيڪنڊ اڳ سمورا جهنڊا سڃاڻي رڪارڊ ٽوڙيو. ان کان اڳ اهو رڪارڊ بحرين جي آدم سعيد وٽ هو. گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ جي اختيارين ڳالهائيندي داوي جو چوڻ هو ته مان 2021ع ۾ گرميءَ جي موسم ۾ رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت تياري ڪئي، مونکي ياد آهي جڏهن اهو رڪارڊ 18 سيڪنڊن جي فاصلي کان ٻيهر ٽٽو ۽ 4 منٽن 6 سيڪنڊ نئون رڪارڊ ٺهيو ته مان شڪست قبول ڪري ورتي هئي، اهو ڪم گهڻو مشڪل ٿي ويو هو. داوي چيو ته مان پنهنجي مقصد لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مونکي تقريبن 1000 ڀيرا ڪيل ڪوششون کانپوءِ ڪاميابي ملي. هن چيو ته مون وٽ 2013ع کان سمورا گنيز ورلڊ رڪارڊ جا ڪتاب موجود آهن.