ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ پاران 4 ڪلو 400 گرام چرس جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 ڄڻن صادق بروهي ۽ امير احمد بروهي کي 9-9 سال قيد جي ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، 2 ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو،  ميرپورخاص جي تعلقي ٿاڻي جي ٿاڻي تي پوليس جي مدعيت ۾ 4 ڄڻن صادق بروهي،امير احمد بروهي  ۽ عمرڪوٽ واسي بنسي مالھي ۽ ڀاڳچند مالھي مٿان داخل ڪيو ويو ھو، اڄ ماڊل ٽرائل ڪورٽ پاران فيصلو ٻڌائيندي ٻن ڄڻن بنسي مالھي ۽ ڀاڳچند ڀيل تي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو