ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جي آمد جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي. موسميات کاتي موجب اولهه جون هوائون بلوچستان سميت ملڪ جي مٿانهين علائقن تي اڄ کان ٻه ڊسمبر تائين اثر انداز ٿي سگهن ٿيون، چار ڊسمبر کانپوءِ گرمي پد گهٽجي 16 کان 17 ڊگرين تي پهچي ويندو. موسميات کاتي موجب اولهندي وارين هوائن جو سسٽم ملڪ مان نڪرڻ تي ٿڌ جي لهر ملڪ تي اثراندز ٿي سگهي ٿي ، ڪوئيٽا کان گهلندڙ هوائون ٿڌ ۾ واڌ جو سبب بڻجنديون. موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ سيارو عام طور تي 15 ڊسمبر کان شروع ٿيندو آهي، جڏهن ته هلندڙ سال نومبر ۾ ڪراچي ۾ معمول کان وڌيڪ گرمي پد رهيو.