ننگر پارڪر: ننگرپارڪر تعلقي جي چار يونين ڪائونسلن ننگرپارڪر ، ڪاسبو ، ويراواه ، پيٿاپور جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ کوهن جو پاڻي سڪي ويو ، ڪيترائي ڳوٺاڻا لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن .ننگرپارڪر تعلقي ۾ پنج سالن جي اندر ڪيترائي اسڪول بند هئڻ سبب تعليم جو ٻيڙو ٻڏل نظر آيو . مسڪين ماروئڙن جا معصوم ٻچا تعليم کان محروم بڻيل آهن .اڄ به ٿرپارڪر ضلعي ۾ جيڪو ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن انهن ۾ تمام وڏو انگ ننگرپارڪر تعلقي سان تعلق رکي ٿو . ننگرپارڪر تعلقي جي 99 سيڪڙو اسڪولن ۾ اڄ به بجلي جي سهولت نه آهي .95 سيڪڙو اسڪولن ۾ پاڻي موجود نه آهي جڏهن ته 78 سيڪڙو باٿروم کان محروم آهن جڏهن ته 76 سيڪڙو اسڪولن کي چوڌيواري نه آهي .