4 مارچ تي 4 مارچ سانحي جو ورجاءُ؟ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج تي پوليس تشدد، شيلنگ، ڪيئي گرفتار

0
26
4 مارچ تي 4 مارچ سانحي جو ورجاءُ؟ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج تي پوليس تشدد، شيلنگ، ڪيئي گرفتار
4 مارچ تي 4 مارچ سانحي جو ورجاءُ؟ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج تي پوليس تشدد، شيلنگ، ڪيئي گرفتار

ڄامشورو(رپورٽ: ميرمرتضيٰ نوحاڻي) سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن 4 مارچ شاگرد ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌو درياءَ جي مالڪي لاءِ جدوجهد جو ڏينهن قرار ڏيندي سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي خلاف سوين شاگرد توڙي شاگردياڻيون گڏ ٿي سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري وٽ ريلي ڪڍي زيرو پوائنٽ کان انڊس هاءِ وي طرف ايندڙ ريلي وٽ پوليس جا وڏا اٽالا ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو ۽ ايس ايچ او ڄامشورو خير محمد ملاح جي اڳواڻي ۾ پهچي ويا، جن شاگردن کي گهيري ورتو، جنهن تي سوين شاگردن رڪاوٽون ٽوڙي انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي سامهون انڊس هاءِ وي تي طرف وڌيا ته پوليس سنڌ يونيورسٽي جي مک دروازي جا ايندڙ ويندڙ ٻئي در بند ڪري ڇڏيا، جنهن تان پوليس ۽ شاگردن وچ ۾ چڪريون شروع ٿي ويون، جنهن تي ڇڪتاڻ سبب شاگردن مين گيٽ کولي انڊس هائي تائين پهچي ويا جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڌرڻو هڻي ٻنهي طرفن کان انڊس هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي، شاگردن جي ريلي کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس اٽالا طلب ڪيا ويا، جنهن دوران ايس ايس پي ڄامشورو محمد صديق ڇانگا جي اڳواڻي ۾ پوليس ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين مٿان لٺبازي به ڪئي آهي پر ان باوجود شاگردن ۽ شاگردياڻين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ پوليس شاگردن مٿان ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪري کين منشر ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، پوليس جي شيلنگ ۽ لٺبازي ۾ڪيترائي شاگرد زخمي پڻ ٿيا، مڇريل شاگردن پوليس موبائل تي پٿراءُ ڪري ان جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪندي 15 کان وڌيڪ شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو. ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياءَ اسان جو جياپو آهي، اسان پنهنجي جياپي کي بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون، اسان جو احتجاج پرامن آهي پر پوليس ونگاري بڻجي اسان جي پرامن احتجاج کي پهرين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان پرامن ڌرڻو هنيو ته اسان مٿان لٺبازي ڪئي وئي، جيڪو عمل آمريتي دور کي ورجائي ٿو.هنن چيو ته اسان جي پرامن احتجاج ۾ شاگردن کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميوار سنڌ يونيورسٽي انتظاميا هوندي. ٻئي طرف شاگردن ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ ڄامشورو ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس سنڌ يونيورسٽي گهرائي وئي آهي، پوليس مختلف هنڌن تي چڙهايون ڪري لڳ ڀڳ 15 شاگردن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، شاگردن تي تشدد جي اطلاع تي ڄامشورو بار جا اڳواڻ واجد خاصخيلي، ذوالفقار ٿيٻو، حيدرآباد بار جا ڪيترائي وڪيل اڳواڻ  ۽ جسقم آريسر اڳواڻ عبدالفتاح چنا، ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ خدا بخش ٿيٻو، سنڌ سڀا شاگرد اڳواڻ غني الله چانڊيو، سنڌو امان چانڊيو، ثناءُ الله ۽ اڳواڻ توڙي ٻين تنظيمن جا اڳواڻ وڏي انگ ۾ پهچي ويا جن گرفتار شاگردن جي آزادي لاءِ ٻيهر احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، جيڪو مسلسل رات دير تائين جاري رهيو جنهن ۾مظاهرين طرفان نعريبازي ڪندي گرفتار ڪيل شاگردن جي آزادي جو مطالبو ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي ايس ايس پي ڌرڻو هڻي ويٺلن سان ڳالهيون ڪري گرفتار شاگردن کي آزاد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، ان باوجود احتجاج ڪندڙن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ گرفتار ڪيل سمورن شاگردن کي ڄامشورو پوليس ڌرڻي واري هنڌ کڻي پهتي جنهن بعد شاگردن توڙي وڪيلن ۽ شاگردن ڌرڻو ختم ڪيو.

حيدرآباد ۾ به 4 مارچ پروگرام روڪيو ويو، تاج جويو جي گرفتاري ڪوشش

حيدرآباد(بيورو رپوٽ) حيدرآباد ۾ 4 مارچ جي پروگرامن کي روڪيو ويو، ان حوالي سان سنڌ سجاڳي فورم پاران سنڌميوزيم حيدرآباد ۾ پروگرام رٿيل ھو ، جنھن کي روڪيو ويو، پروگرام ۾ نامياري قانوندان يوسف لغاري کي 4 مارچ شاگرد جدوجهد جي حوالي سان خاص مهمان طور ليڪچر ڏيڻو هو، پروگرام روڪڻ بعد پوليس اٽالا نامياري اديب تاج جويو کي به گرفتار ڪرڻ لاءِ سندس گهر پهتا، مزاحمت تي پوليس واپس موٽي وئي، تاج جويو جو ٽنڊو ڄام ۾ ليڪچر رٿيل هو، ان ڏس ۾ تاج جويو چيو ته مون کي چيو ويو ته ٿاڻي هلو، انڪار ۽ مزاحمت تي پوليس واپس ٿي، ان ڏس ۾ نامياري قانوندان يوسف لغاري ٻڌايو ته اسان کي فون ڪري چيو ويو ته ليڪچر ڏيڻ نه وڃو، پوليس جي ڪري منتظمين پروگرام ملتوي ڪيو آھي.

لطيف يونيورسٽي ۾ جساف جي ڪئنالز منصوبي خلاف ريلي

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ شاھه عبداللطيف يونيورسٽي جي جساف جي شاگردن سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف اولڊ ڪينٽين کان مين گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، ان موقعي تي رشيد سنڌي، ذيشان مڱريو، ڪاشف سنڌي، سائرهه سنڌي، فراز ميمڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياءَ سنڌ کي سرسبز بڻائڻ سميت سنڌ جي ماڻهن جي جياپي جو واحد ذريعو آهي، جنهن تي ڪئنال ڪنهن به صورت قبل ناهن، هنن چيو ته سنڌو درياءَ مٿان ڪئنال اڏڻ واري منصوبي کي سنڌي ماڻهن جو معاشي قتل عام سمجهون ٿا، هنن چيو ته سنڌ جي زمين کي پنجاب جي ڪمپنين حوالي ڪرڻ، سنڌو درياءَ مٿان 6 وڌيڪ ڪئنال ٺاهڻ سنڌ دشمن پاليسيون آهن، جن جي مذمت ڪيون ٿا.

مڪلي ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور گرفتار، پوليس خلاف ڌرڻو

ٺٽو (رپورٽر) مڪلي پوليس پاران هڏن جي ماهر ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور کي 4 مارچ جي تقريبن ۾ شرڪت کان روڪڻ لاءِ سندس گھران کڻي مڪلي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو، جڏهن ته ڊاڪٽر کي مڪلي پوليس ٿاڻي تي ويهارڻ خلاف مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن مڪلي ٿاڻي آڏو پهچي ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھه تي مڪلي ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري ڊاڪٽر جي آزادي جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته مڪلي ٿاڻي تي واڙيل ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور چيو ته مڪلي پوليس کيس بلاجواز گرفتار ڪري سندس ساک کي نقصان پھچايو آھي، ھن چيو ته ھو شريف ڊاڪٽر آھي، جنھن کي اھڙي طريقي سان گرفتار ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آھي، ھن گھر ڪئي ته اھڙي رويي جو نوٽيس وٺي ساڻس انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن چيو پيو وڃي ته هڏن جو ماهر ڊاڪٽر ذوالفقار زئور 4 مارچ شاگردن جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو هيو ته مڪلي پوليس کيس گھران وٺي مڪلي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو، ھوڏانھن مڪلي ٿاڻي تي سڄو ڏينھن واڙيل ھڏن واري ڊاڪٽر ذوالفقار زنئورکي مڪلي پوليس رات دير سان آزاد ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن ته ان کان اڳ ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور جي آزادي لاءِ مڪلي ٿاڻي آڏو ٺٽو ڪراچي قومي شاھراھه تي ھنيل احتجاجي ڌرڻو به ڊاڪٽر جي آزادي بعد ختم ڪيو ويو آھي، ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد معطل ٽرئفڪ بحال ٿي وئي آھي.

ڪئنالن بابت ليڪچر به ڏوهه: دادو ۾ رڪاوٽون، جسقم جو ڌرڻو

دادو (رپورٽر) دادو ۾ جساف ۽ جسقم بشير خان پاران علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري ۾ سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ تي رٿيل ليڪچر پروگرام ۾ انتظاميا پاران رنڊڪون وجهي علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري ۽ ايس پي هائوس ڏانهن ايندڙ ويندڙ روڊن، رستن تي پوليس موبائيلون بيهاري ۽ سوين اهلڪارن کي مقرر ڪري سيل ڪري ٽريفڪ توڙي پيادل ايندڙ ويندڙ ماڻهن لاء بند ڪري ڇڏيو، رٿيل احتجاج کي روڪڻ لاءِ دادو ۾ پوليس پاران سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪرڻ جي باوجود آزاد سولنگي، واجد سيال ۽ ثناء الله جي اڳواڻي ۾ جسقم ۽ جساف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي ۽ سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ وفاقي حڪومت خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا، جسقم ۽ جساف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران هڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ دانهيو آهي ته رياست ڪئنالن خلاف رٿيل ليڪچر پروگرام ڪرڻ نه ڏنو ، رياست ڪئنالن خلاف ٿيندڙ احتجاجن کان خوفزده ٿي تشدد واري پاليسي اختيار ڪئي آهي ، اسان کي پر امن احتجاج کان روڪڻ پٺيان پ پ حڪومت جو مک ڪردار آهي ، ڇو ته سنڌ حڪومت توڙي صدر زرداري اڳ ئي ڪئنال جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ هاڻي احتجاجن جي رستا روڪ جو ٺيڪو کڻي آئي آهي ، ٻئي طرف جسقم ۽ جساف جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ کانپوء واپس ٿيا ته پوليس اٽالن ڪچهري روڊ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.

پ پ حڪومت ۽ پوليس روز اھو ثابت ڪن ٿا ته سنڌي ناھن: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي ڄامشورو ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پاران سنڌ دشمن 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ريلي ڪڍڻ تي پوليس جي بدترين تشدد ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي چيو آھي ته پ پ حڪومت ۽ پوليس ھر روز اھو ثابت ڪن ٿا ته ھي سنڌي ناھن، سنڌ جا بدترين دشمن آھن. مادر علمي جا شاگرد سنڌ جو مستقبل آھن، اھي پنھنجي سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪري رھيا ھئا، جيڪو انھن جو قانوني، آئيني، بنيادي حق آھي، انھن مٿان بدترين تشدد ڪري سنڌ حڪومت آمريت جي ياد تازي ڪئي آھي. ملڪ ۾ جمھوريت جي نالي ۾ ڊڪٽيٽر شپ آھي، جيڪا قومن جي حقن ته ڌاڙا ھڻي رھي آھي، جنھنجا نتيجا انتھائي خطرناڪ نڪري سگھن ٿا. حڪمران اقتدار ۽ پاور جي نشي ۾ بيھوش آھن. موجود حڪومت ملڪ لاءِ رسڪ بنجي وئي آھي، خطرو بنجي وئي آھي. ھن چيو ته سنڌو درياءَ اسان جي بقا جو ذريعو آھي، درياھ تي ڌاڙو ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. 6 نوان ڪئنال ڪنھن به صورت ۾ ٺاھڻ نه ڏينداسين. چولستان سميت سنڌ دشمن ڪئنالن خلاف سنڌ جي ماڻھن کان پراحتجاج جو حق کسي نٿو سگھجي. احتجاجن کي دٻائڻ جي جيتري به ڪوشش ڪئي ويندي ايترو شدت سان احتجاجي لھر شروع ٿيندي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن سان ڏوھارين جھڙو سلوڪ ڪيو ويو آھي، تشدد ۾ ملوث پوليس آفيسرن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت جو اھو رويو سنڌ جي ماڻھن ۾ انارڪي ۽ شديد بيزاري کي جنم ڏئي رھيو آھي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت ٻڌائي ته ڇا سنڌي ماڻھو پرامن احتجاجن بدران قانون ھٿ ۾ کڻن؟ بدمست حڪمران سمجھي ڇڏين ته عوام جي آواز کي لٺ يا بندوق جي زور تي دٻائڻ جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. سنڌي ماڻهن کي ديوار سان نه لڳايو وڃي. گرفتار شاگردن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

پوليس ۽ شاگردن ۾ جيڪو ٿيو غلط ٿيو، انتظاميا ذميوار ناهي: وي سي

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر خليل الرحمان کنڀاٽي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شاگردن ۽ پوليس وچ ۾ جيڪو به ٿيو آهي سو غلط ٿيو آهي، سندس چوڻ هيو ته اسان شاگردن کي چيو هيو ته احتجاج ڪنھن مخصوص هنڌ تي ئي رڪارڊ ڪرائين، جنھن تي شاگردن ايگري به ڪيو هيو ۽ بعد ۾ هو روڊ طرف هليا ويا يونيورسٽي کان ٻاهر جيڪو به ٿيو آهي گرفتاريون يان ڇڪتاڻ انهي جي ذميوار سنڌ يونيورسٽي انتظاميا ناهي، يونيورسٽي جا گيٽ بند هيا، جنھن بعد به شاگرد ٻاهر هليا ويا پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جو فرض ھيو ته ڪنھن به مسافر کي ڪا تڪليف نه اچي.

تشدد خلاف لاڙڪاڻي، ڪراچي ۽ شهدادڪوٽ ۾ مظاهرا، ريليون

ڪراچي/شھدادڪوٽ(رپورٽر) ڪراچي ۽ شهدادڪوٽ ۾ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ ورسٽي جي شاگردن مٿان تشدد ۽ گرفتارين واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. شهدادڪوٽ ۾ جسقم ۽ جساف آريسر جي ڪارڪنن پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي نوشاد سومرو، سهيل سومرو، مظهر کوسو، حسنين ڀٽي، عرفان مهدي ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياءَ مٿان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ دشمن منصوبو ڪنهن به صورت م قبول ناهي، سندن جو چوڻ هو ته پوليس سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن مٿان بيگناهه تشدد ڪرڻ بعد گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته گرفتار شاگردن کي آزاد ڪري اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ھوڏانھن سنڌ شاگرد محاذ ۽ تنقيدي تعليمي فورم پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڪئمپ لڳائي وئي ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪئمپ ۽ مظاهري جي اڳواڻي سيد رضوانا، شهنشاهه شر ۽ نذير جلباڻي ڪئي جڏهن ته  ڪراچي بار جي صدر عامر ورائچ ۽ وڪيلن پڻ شرڪت ڪئي، هنن چيو ته شاگرد يونين بحال ڪيون وڃن، ڪراچي يونيورسٽي جي ڪي ايس پي پاليسي ختم ڪئي وڃي، سنڌ جي يونيورسٽين جون ڳريون فيس ختم ڪيون وڃن، تعليمي ادارن ۾ اينٽي حراسمينٽ قائم ڪئي وڃي ۽ تعليمي ادارن مان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نيڪالي ڏئي شاگردن جا هاسٽل بحال ڪيا وڃن.

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌو درياءَ مان نوان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف يونيورسٽي جي شاگردن پاران انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جن مٿان پوليس لاٺي چارج ۽ شيلنگ واري عمل خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن پاران شهر جي جناح باغ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان حوالي سان ايڊووڪيٽ ستار هليو اجمير ڀٽو جاويد بليدي سلمه ڀٽو رفيق ابڙو سميت ٻين جو چوڻ هو ته سنڌو درياءَ مان 6 نوان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف يونيورسٽي جي شاگردن انڊس هاءِ وي تي پرامن احتجاج کي روڪڻ لاءِ پوليس لاٺي چارج ۽ فائرنگ ڪري شيلنگ ڪئي، جيڪو افسوسناڪ عمل آهي هنن وفاقي ۽ صوبائي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي تڪراري ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺي سنڌ جو معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي.

شاگردن کي بليڪ ميل ڪري ايف آءِ آر داخل ڪيون پيون وڃن: تاج جويو

ٽنڊوڄام(ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ چار مارچ جي سلسلي ۾ جسقم آريسر جي شاگردن اڳواڻن پاران زرعي يونيورسٽي ليڪچر  تقريب،  جسقم آريسر شاگردن جي اڳواڻي ۾ رٿيل تقريب ۾ تاج جويو خاص مهمان طور شريڪ ٿيا، جڏهن ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ رٿيل تقريب کان پوءِ پوليس نفري پهچي وئي، هوڏانهن سنڌ زرعي يونيورسٽي جي هاسٽل اندر شاگردن جو ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ ڪيترن ئي شاگرد اڳواڻن سياسي سماجي اڳواڻن تاج جويو، آڪاش علي، مظهر حسين سميت ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ناليوارو ليکڪ سماجي اڳواڻ تاج جويو چيو ته شاگردن مٿان اڄوڪي ٿيندڙ پرامن احتجاج کي پوليس جي لاٺي چارج ڪرڻ غير قانوني عمل آهي، هنن چيو ته شاگرد هن ملڪ جي مستقبل جو قومي سرمايو آهين، شاگرد جي يونين به بحال ڪيون وڃن، تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شاگردن کي بليڪ ميل ڪري انهن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪيون وڃن ٿيون، جنھن سان شاگرد بهادر ويندا، توهان پنهنجون سموريون ڪوششون ڪيو، پر شاگرد جي آواز کي ڪير روڪڻ وارو ناهي، هنن چيو ته اڄوڪي ڏينهن جي تقريب کي روڪڻ لاءِ پوليس وڏي ڪوشش ڪئي، جيڪا ناڪام ٿئي، جڏهن ته تاج جويو پاران شاگردن کي سندس تنظيمن جي اهيمت، توڙي سنڌ جي ڏنل قربانين، توڙي ماضي ۾ ٿيندڙ تحريڪن تي به پڻ ليڪچر ڏنو.

شاگردن مٿان لٺبازي جي مذمت: سنڌ ۾ تشدد وڌايو پيو وڃي: قادر مگسي

حيدر آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڄامشوري ۾ شاگردن پاران سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائڻ جي سازش خلاف پرامن احتجاج تي پوليس پاران تشدد، لاٺي چارج، فائرنگ ۽ شيلنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي سنڌو درياءَ سنڌين جي جياپي جو واحد ذريعو آهي. ن ليگ ۽ پ پ جي گڏيل حڪومت ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍي سنڌ کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ جي سازش سٽي آهي. ان سازش سان نه صرف سنڌ جي ڇهه ڪروڙ ماڻهن کي موت ڏانهن ڌڪيو  پيو وڃي پر جي سنڌو درياءَ ۾ پاڻي نه آيو ته سنڌ جي زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويندو. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي ماڻهن جي سنڌو درياءَ بچائڻ جي جدوجهد سنڌين جي  پنهنجي  بقا جي جدوجھد آهي جنهن جدوجهد کي سنڌ ۾ موجود پ پ جي سنڌ حڪومت رياستي ادارن جي ڏاڍ ذريعي ختم ڪرڻ جي غلطي ڪري رهي آهي. ملڪي ادارا پرامن احتجاجن کي پرتشدد ڪرڻ جي ڪوششڻ ۾ آهن. اڳ ئي بلوچستان ۽ پختونخوا ۾ حالتون خراب آهن هاڻي سنڌ جون حالتون به تشدد طرف وٺي وڃي رهيا آهن.