ڪراچي: ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي طرفان متاثر عمارت جي رهواسين کي 4 دفعا نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا، پر بدقسمتي سان ماڻهو پنهنجا گهر خالي ناهن ڪندا. اهي چوندا آهن ته اهو ئي ٿيندو، جيڪو قسمت ۾ لکيل هوندو. هن چيو ته ريسڪيو آپريشن جاري آهي. هن چيو ته شهر ۾ جاري غيرقانوني اڏاوتن واري معاملي تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي سان ڳالهائيندس، غيرقانوني اڏاوتون بند ٿيڻ گهرجن.
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو آهي ته بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي بغدادي واقعي جي ذميوار آهي، ڪامورا ڏوڪڙ وٺي سهولتڪاري ڪن ٿا، سڌارن لاءِ وڏي آپريشن جي ضرورت آهي.