4اپريل تي ذوالفقار ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو، اڄ وري عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو: وزير اعظم

0
167
اڄ وري عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو
4اپريل تي ذوالفقار ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو، اڄ وري عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو: وزير اعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 4 اپريل تي ذوالفقار ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو ۽ اڄ ٻيهر 4 اپريل تي عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي

قومي اسيمبلي ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ دوران چونڊن بابت سُپريم ڪورٽ جي فيصلي جو پڙاڏو ٿيو

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن ذوالفقار ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو هو، تاريخ جي سِتم ظريفي ڏسو اڄ ئي انصاف جو قتل ٿيو آهي

هن چيو ته ذوالفقار ڀٽو جي قتل بابت صدارتي ريفرنس 12 سالن کان التوا هيٺ آهي، ڪابينا اتفاق ڪيو آهي ته صدارتي ريفرنس تي جلد فيصلو اچڻ گهرجي

هن کي به پڙهندا

اليڪشن ملتوي ڪيس: صدر جو فيصلو بحال: عدالت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اڏائي ڇڏيو، وڏو حڪم جاري

وفاقي ڪابينا اليڪشن بابت سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو

وفاقي ڪابينا پاران فيصلي کي رد ڪرڻ ڪافي ناهي، آئين جا بخيا اڍيڙيندڙ کي ڪٽهڙي۾آڻيو: مريم نواز