ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي بهترين اداڪارن جي ڳالهه ڪئي وڃي ته جان ابراهم جو نالو ان فهرست ۾ سڀني کان مٿي ايندو آهي، جان اهو اداڪار آهي، جنهن انڊسٽري ۾ ڪيترن سالن کان پنهنجي جسماني بيهڪ کي برقرار رکيو آهي، تازو کي جان ابراهم انڪشاف ڪيو آهي ته هن گذريل 35 سالن ۾ ڪڏهن کنڊ کي ناهي چکيو، نه ئي ايترن سالن ۾ ڪڏهن پنهنجو جم سيشن ڇڏيو آهي، اداڪار وڌيڪ چيو ته پنهنجي سار سنڀال سندس حقيقي مذهب آهي، هالي ووڊ رپورٽر سان ڳالهائيندي هن چيو ته سندس موجب جسم هڪ مندر آهي، جنهن جي پرورش ۽ سار سنڀال ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي، جان ابراهم ان انٽرويو ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ته اهو ميگرين جي مرض ۾ مبتلا آهي ۽ جڏهن ان کي اهو سور ٿيندو آهي ته اهو جم ۾ هلڪو ڦلڪو فٽنيس سيشن وٺندو آهي پر ڪڏهن ان کي ڇڏيندو ناهي ۽ اهو ئي سندس فٽنيس جو راز آهي.