عمران خان پرڏيهي ايجنٽ آهي، عدليه جي رويي سبب رياست ڪمزور ٿي رهي آهي: فضل الرحمان

0
275

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان گرفتاري پيش ڪري ۽ عدالتن کي منهن ڏئي، ٻڌايو وڃي ته زمان پارڪ ۾ موجود تربيت يافتا ماڻهو ڪير آهن؟ کين گرفتار ڪري حقيقتون سامهون آنديون وڃن

هن چيو ته نظر اچي پيو ته عدليه جي رويي سبب رياست ڪمزور ٿي رهي آهي، رياست کي سگهارو بڻائڻ لاءِ عدليه کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، سوچڻو پوندو ته رياست پهرين آهي يا عمران خان؟

فضل الرحمان چيو ته عمران خان پرڏيهي ايجنٽ آهي ۽ پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه سندس مرضي سان ٿي رهيو آهي، سي آءِ اي جو نمائندو زلمي خليل زاد به عمران خان جي حمايت ۾ ٽوئيٽ ڪري ٿو، عمران خان جي غلطي جي سزا پاڪستان کي نٿي ڏئي سگهجي، اڪهڙيون قوتون آهن، جيڪي عمران خان جي پٺڀرائي ڪري رهيون آهن