ملير (رپورٽر) آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميداورن 33 سيڪڙو مارڪن تي پاس قرار ڏئي آفر آرڊر ڏيڻ لاءِ ملير پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ، ان موقعي تي شيراز مشوري،  نثار جلباڻي، نظير لوڍو ۽ عظمت ايري چيو ته آءِ بي اي  ٽيسٽ  ۾ پاس ٿيڻ لاءِ 55 مارڪن جو شرط رکيو ويو هو، بعد ۾ هارڊ ايرياز جي اميدوارن لاءِ  نرمي ڪري 30 مارڪون رکيون ويون، سنڌ سرڪار بعد ۾ پنهنجي فيصلي ۾ ٻيهر ترميم ڪندي 40 مارڪون رکندڙ سمورن اميدوارن کي به پاس ڄاڻايو، هنن چيو ته سڄي ملڪ ۾ عام امتحانن کانسواءِ ڪميشن جي امتحانن ۾ به 33 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پاس ڄاڻايو ويندو آهي، جڏهن ته آءِ بي اي پاران ورتل ٽيسٽ ۾ پاس ٿيڻ لاءِ 55 مارڪون رکيون ويون، هنن گهر ڪئي ته33 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پاس قرار ڏئي آفر آرڊر ڏنا وڃن.