ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين لاءِ عمر جي حد ۾ 5 سال ڇوٽ: مادرعلمين ۾ ڪامورا وي سي مقرر ڪرڻ وارو فيصلو برقرار، سنڌ ڪابينا سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪيل 2 بلن تي گورنر جا اعتراض رد ڪندي سڀاڻي سومر تي اھي بل ٻيھر سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ، سومر کان کان ھٿيارن جي نمائش، غير رجسٽرڊ گاڏين، بنا لائسنس گاڏيون ھلائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ۽ گرفتارين جو فيصلو ڪيو آھي. ان ڏس ۾ ڪالهه وڏي وزير سيد مراد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا اجلاس ۾ سنڌ سول سرونٽس (عمر جي حد ۾ رعايت) ضابطن جي منظوري ڏني، اجلاس ۾ سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڪوآرڊينيشن کاتي کي هدايت ڪئي وئي ته سرڪاري نوڪرين ۾ عمر ۾ ڇوٽ جو نوٽيفيڪشن جاري ڪيو وڃي ڪابينا جي فيصلي موجب عمر ۾ رعايت مختلف قسمن جي اميدوارن تي لاڳو ٿيندي، ٻن سالن جي مسلسل سروس سان لاڳاپيل سرڪاري ملازمن کي پنجن سالن تائين جي رعايت ڏني ويندي، جيڪو لاڳاپيل انتظامي کاتو ڏيندو. عام اميدوارن کي لاڳاپيل ايڊمنسٽريٽو کاتي مان 2 ۽ ايس اينڊ جي اي ڊي مان پنجن سالن تائين جي رعايت ملندي. فوت ٿيل سرڪاري ملازمن جون بيواهون يا ٻار به پنجن سالن تائين رعايت جا اهل هوندا، جنهن جي منظوري پڻ انتظامي کاتي طرفان ڏني ويندي. معذور، طلاقيل عورتون ۽ بيواهون به پنجن سالن تائين رعايت جون حقدار هونديون، جيڪا انتظامي کاتي طرفان ڏني ويندي، بيواهه ۽ طلاقيل عورتن وٽ لاڳاپيل سرٽيفڪيٽ لازمي ھجڻ گھرجن۔ رولز 5 تحت عام اميدوارن لاءِ عمر ۾ رعايت لازمي سببن ۽ معقول جواز جي بنياد تي ڏني ويندي. انهن سببن ۾ صحت جا مسئلا، والدين يا زال مڙس جي موت، قدرتي آفتون، مقررين ۾ دير، ڀرتين تي پابندي ۽ ٻيون حالتون شامل ٿي سگهن ٿيون، انهن ڪيسن جي جاچ لاءِ خاص ڪاميٽيون جوڙيون وينديون، ڪابينا ڀرتين ۾ دير ٿيڻ ۽ درخواستن جي وڏي انگ کي تسليم ڪندي وڌ ۾ وڌ عمر جي حد کان وڌيڪ پنجن سالن تائين جي رعايت جي منظوري ڏني. اها رعايت پوليس ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ٿيندڙ گڏيل چٽاڀيٽي واري امتحان ذريعي ڀرتي ڪيل پوسٽن لاءِ نه هوندي اها رعايت پهرين جنوري 2025 کان 31 ڊسمبر 2026 تائين ٻن سالن جي شروعاتي مدي لاءِ لاڳو ٿيندي، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته گورنر ماتحت عدالت ۾ سول ڪيس هلائڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي دائري اختيار بابت اسيمبلي مان پاس ڪيل تازي ترميمي بل کي اعتراضن سان واپس ڪيو آهي. گورنر آئين جي آرٽيڪل (2)175جو حوالو ڏنو ،جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالتون رڳو قانون جي ڏنل اختيار کي استعمال ڪري سگهن ٿيون. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اصل اختيار 1866ع جي ليٽرز پيٽنٽ جي شق 9 مان نڪتل آهي، جيڪو انهي کي ڪراچي اندر هڪ مخصوص مالياتي قيمت کان مٿي سول ڪيس ٻڌڻ جي اجازت ڏئي ٿو. جڏهن ته سنڌ سول ڪورٽس آرڊيننس 1962ع، ضلعي عدالتن کي اختيار ڏئي ٿو پر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي دائري اختيار کي ختم نٿو ڪري. ڪابينا تفصيلي بحث کانپوءِ بل جي منظوري ڏني، ڪابينا ميمبرن چيو ته 2025ع جو تجويز ڪيل بل آئين جي آرٽيڪل 175 جي ڀڃڪڙي ناهي. اهو سنڌ سول ڪورٽس آرڊيننس 1962ع سان مطابقت رکي ٿو، جنهن ۾ اڳواٽ اعتراض کانسواءِ ڪيترائي ڀيرا ترميم ڪئي وئي آهي. ڪابينا وڌيڪ دليل ڏيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيسن جي رش آهي، ڪجهه بينچون سول ڪيسن جي ٻڌڻي ڪن ٿيون. انهي جي ابتڙ ضلعي عدالتن ۾ ججن جو وڏو انگ آهي جيڪي تيزيءَ سان اهي ڪيس حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. عدالتي ماهرن جو حوالو ڏيندي ڪابينا ٻڌايو ويو ته سامونڊي معاملا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي دائري اختيار ۾ رهندا آهن، جڏهن ته انٽيليڪچوئل پراپرٽي جا ڪيس اسپيشل ٽربيونل ۽ بينڪنگ جا معاملا اسپيشل بينڪنگ ڪورٽس ذريعي هلايا ويندا آهن. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته اسيمبلي سنڌ يونيورسٽيز اينڊ انسٽيٽيوٽس لاز (ترميمي) بل منظور ڪري ورتو آهي جنهن تحت سرڪاري يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرن جي مقرري لاءِ اهليت جي معيار ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. گورنر وائيس چانسلر اميدوارن الءِ پي ايچ ڊي جو شرط ختم ڪرڻ بابت منظوريءَ لاءِ اماڻيل بل تي اعتراض اٿاريو آهي. گورنر وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي هدايتن جو پڻ حوالو ڏنو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وائيس چانسلر کي پي ايچ ڊي سان گڏ ناليوارو تعليمي ماهر هجڻ گهرجي. بحث دوران نشاندهي ڪئي وئي ته يونيورسٽي اينڊ بورڊز کاتي پاران تجويز ڪيل اصل بل ۾ وي سي جي اميدوارن لاءِ لاڳاپيل فيلڊ ۾ ماسٽر ڊگري ترجيحي طور تي پي ايچ ڊي هجڻ گهرجي. اڪيڊميا، سول سوسائٽي، ريسرچ ۾ قيادت جي صلاحيت واري ڪردار ۾ 15 سالن جو تجربو ۽ گڏوگڏ تحقيق ۽ اشاعت ۾ هڪ بهترين رڪارڊ هجڻ ضروري آهي. اسٽينڊنگ ڪاميٽي انهن ٽيسٽنگ جي ضرورتن کي واضح ڪرڻ لاءِ ترميمن جي تجويز ڏني، اسيمبلي ساڳئي بنيادي معيار کي برقرار رکندي منظري ڏني، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته اصل بل ۾ چيو ويو آهي ته وائيس چانسلر طورمقرر ٿيندڙ چونڊيل ڪيڊر آفيسر کي سول سروس تان استعيفيٰ ڏيڻي پوندي. اسٽينڊنگ ڪاميٽي ان ۾ ترميم ڪندي واضح ڪيو ته آفيسر کي يا ته استعيفا ڏيڻي پوندي يا ملازمت تان رٽائر ٿيڻو پوندو، انفرادي ڪيس جي بنياد تي اهو بل اسيمبلي پڻ پاس ڪيو هو. اصل بل ۾ ڪنهن به عمر جي حد جي وضاحت نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي ترميم ۾چيو ويو آهي ته وي سي لاءِ اميدوارن جي عمر 62 سالن کان گهٽ هجڻ گهرجي، انهي بل کي اسيمبلي منظور پڻ ڪيو آهي. ڪابينا بل جي منظوري ڏيندي ٻيهر منظوري لاءِ اسيمبلي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. هوڏانهن ڪابينا اجلاس بعد ا سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس ذريعي ٻڌايو ته ڪابينا صوبائي نوڪرين لاءِ عمر جي حد ۾پنجن سالن تائين وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، اھو فيصلو سنڌ پوليس ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي سي سي اي نوڪرين تي لاڳو نه ھوندو، جڏھن تھ پبلڪ سروس ڪميشن جي ٻين نوڪرين لاءِ عمر جي حد ۾ پنج سال واڌ ڪئي وئي آھي، اڳ ۾ سرڪاري نوڪري لاءِ عمر جي حد 28 سال ھُئي، جنھن کي وڌائي 33 سال ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته پاڪستان سميت سڄي دُنيا ۾ انفلوئنزا جي بيماري تيزي سان پکڙجي رھي آھي، اُنهي ڪري شهري احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي سماجي مفاصلو رکن، ماسڪ پائين ۽ ھٿ ملائڻ کان پاسو ڪن. ڳلي جي خراش سان شروع ٿيندڙ اھا بيماري احتياط نھ ڪرڻ جي صورت ۾ ڦڦڙن کي متاثر ڪري سگھي ٿي. هن چيو ته گولي لڳڻ يا ڪنھن حادثي يا واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ جو خانگي اسپتال ۾ علاج ٿي سگهندو، انهي جو سمورو خرچ سنڌ سرڪار برداشت ڪندي، ھن چيو ته سڀاڻي سومر کان صوبي ۾ ھٿيارن جي نمائش تي سختي سان پابندي ھوندي، ھٿيارن جي نمائش ڪندڙ کي گرفتار ڪيو ويندو، سادن ڪپڙن ۾ گهمندڙ پوليس يا ڪنھن بھ فورس جي اھلڪار کي ھٿيارن جي نمائش تان گرفتار ڪيو ويندو، غير رجسٽرڊ گاڏين کي به تحويل ۾ وٺڻ جو سلسلو سڀاڻي کان شروع ٿي ويندو، ڪنھن به شوروم مان ڪابه گاڏي رجسٽرڊ ٿيڻ کنسواءِ نڪري نه سگهندي، ھن چيو ته گاڏين جي فٽنس به لازمي آھي، اسان سان ٽرانسپورٽرز اتفاق ڪيو آھي ته سنڌ سرڪار جيترا به قانون ٺاھيندي، اھي اُنھن جي پاسداري ڪندا. بنا لائسنس گاڏي ھلائڻ وارن کي گرفتار ڪيو ويندو، ننڍي عمر ۾ گاڏي ھلائڻ وارن ٻارن جي والدين لاءِ سخت پيغام آھي ته اُھي ننڍي عمر ۾ ٻارن کي گاڏي ھلائڻ جي اجازت نه ڏين، ٻي صورت کين گرفتار ڪيو ويندو. ھن چيو ته ڪراچي انٽر بورڊ جي چيئرمين جي حوالي سان ڪوبه نالو غور ھيٺ ناھي، پاڪستان جو ھر شھري، ڪو به قابل بيوروڪريٽ، قابل پروفيسر، قابل صحافي، قابل سياستدان جيڪو تعليمي معيار ۽ ٻين گھرجن تي پورو لھندو ھُجي، اھو وائيس چانسلر بڻجي سگھي ٿو.