بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف ويجهو ڳوٺ جئي رام جوڳي ۾ باڪردار نياڻي پارس مهراڻي ۽ جئي رام جوڳي پاران هڪ سال اڳ ڳوٺ ۾ ٻارڙن جي تعليم جي لاء پنهنجي مدد پاڻ اسڪول قائم ڪيو هو، جنهن ۾ 300 کان وڌيڪ ٻارڙا پڙهن ٿا، ان حوالي سان پارس مهراڻي، جئي رام جوڳي ،پياري جوڳي ٻڌايو ته  اسان هڪ سال اڳ پنهنجي مدد پاڻ اسڪول قائم ڪيو هو ته جوڳي ڪميونٽي پٺ تي پيل ڪميونٽي آهي، اسان پنهنجي ڪوشش ڪئي آهي ته ٻارن کي سٺو مستقبل ڏيون، هنن چيوته اسان هڪ سال کان اسڪول پنهنجي مدد پاڻ هلائي رهيا آهيون، اسان ڊي سي ٽنڊوالهيار ڊي او ايجوڪيشن سميت لاڳاپيل اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون ته اسڪول جي بلڊنگ ڏني وڃي اسڪول ۾ سرڪاري طور تي استاد مقرر ڪيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول کي سرڪاري بلڊنگ ڏني وڃي ۽ استاد مقرر ڪري ٻارڙن کي سرڪاري ڪتاب مهيا ڪيا وڃن.