قبرص(انٽريسٽنگ نيوز) قبرص سان تعلق رکندڙ هڪ شخص مٿي تي 319 گلاس رکي گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ورتو. 62 سالن جي شخص ايرسٽوٽيلس ويلائورٽس 1995ع کان مٿي تي سوين گلاس رکي هوٽلن ۽ ٻين تقريبن ۾ پنهنجا ڪرتب ڏيکاريندو پيو اچي، هن تازو 319 مٿي تي گلاس رکي 2022 ۾ نتينوس ڪانتي طرفان جوڙيل 270 گلاسن وارو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو. عالمي رڪارڊ لاءِ ايرسٽوٽيلس کي گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪنڊن تائين سمورا گلاس مٿي تي رکڻا هئا پر هن 20 سيڪنڊن تائين مٿي تي گلاس رکي رقص ڪيو. ايرسٽوٽيلس جو چوڻ هو ته مٿي تي مختلف قسمن جا گلاس توازن سان رکڻ منهنجو شوق آهي ۽ مان هي پنهنجو جوڙيل رڪارڊ به ٽوڙڻ چاهيان ٿو.