شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداي ۽ سندس ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري ڪالھه وزيرآباد مهر هائوس پهتا، 31 سالن کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پهريون ڀيرو پ پ قيادت شڪارپور جي مهرن وٽ پهتي، جنهن دوران تازو ئي پ پ ۾ شموليت ڪندڙ وزيرآباد جي مهرن طرفان سندن ڀرپورن آڌر ڀاء ڪيو ويو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري پاران اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش مهر سان ناٺي ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم محمد عارف مهر سان ڀيڻيويو ڊاڪٽر وسيم احمد مهر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي سنڌ جا اڳوڻا وزيراعلي سيد مراد علي شاهه، سيد قائم علي شاهه، اڳوڻا صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، مڪيش ڪمار چاولا، پ پ سنڌ جو صوبائي صدر نثار کهڙو، اڳوڻو وفاقي وزير عابد حسين ڀيو، امدا پتافي، سيد خورشيد شاه، سيد ناصر شاهه، عاجز ڌامراهه، شڪارپور ضلعي چيئرمين ذوالفقار علي ڪماريو سميت ٻيا سندس سان گڏ ھئا، مانجهاندي جي تقريب ۾ شڪارپور، لکي، خانپور ۽ ڳڙھي ياسين تعلقن جي مختلف برادرين جي چڱن مڙسن ۽ پ پ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداري پاران ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ نه ڪئي، شڪارپور جي صحافين پاران زور ڀرڻ تي هن کلي ڪري چيو ته اها شڪارپور جي صحافين سان زيادتي آھي جو مان هنن سان نه ٿو ڳالهايان پر ٽائيم جي مجبوري آھي.