ٽنڊي محمد خان ۾ 30 ڪروڙ 80 لک جون دوائون ڊي ايچ او جي مائٽن جي ڪمپني کان خريدڻ جو انڪشاف

0
45
ٽنڊي محمد خان ۾ 30 ڪروڙ 80 لک جون دوائون ڊي ايچ او جي مائٽن جي ڪمپني کان خريدڻ جو انڪشاف
ٽنڊي محمد خان ۾ 30 ڪروڙ 80 لک جون دوائون ڊي ايچ او جي مائٽن جي ڪمپني کان خريدڻ جو انڪشاف

حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) ڊي ايچ او ٽنڊو محمد خان اختيارين پاران 30 ڪروڙ 80 لک رپيا ماليت جي دوائن جي خريداري مٽن مائٽن جي ڪمپني سان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڊي ايچ او آفيس ٽنڊو محمد خان جي 22-2023ع جي آڊٽ دوران اهو انڪشاف ڪيو ويو ته 30 ڪروڙ 80 لک رپين کان وڌيڪ رقم مشڪوڪ طريقي سان دوائن ۽ ٻين سروسز جي خريداري تي خرچ ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته دوائون فراهم ڪندڙ ڪمپنيون يا ته سرڪاري ملازمن جي ملڪيت هيون يا سندن مائٽن جون ملڪيتون هيون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٽنڊو محمد خان پاران سال 22-2023ع ۾ 2 ڪروڙ 40 لک رپين جي دوائن جي خريداري بنا نيلامي ۽ بغير لائسنس رکندڙ ڪمپني کان ڪئي وئي جنهن جو مالڪ هڪ پرائمري استاد آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پون ڪمار جي ڪمپني کان هڪ ڪروڙ رپين جون دوائون خريد ڪيون ويون جنهن ڪمپني جو ڊي ايچ او آفيس ٽنڊو محمد خان جي اڪائونٽ آفيسر هوچند جو پٽ آهي. ٻئي طرف اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ پنهنجي سروس دوران سپلائيرز کي ناجائز فائدو ڏنو ۽ مختلف سپلائي آرڊر کي بنا ڪنهن تصديقي عمل ۽ ڊرگ لائسنس جي 40 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جو ٺيڪو ڏنو.