ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊي الهيار شهر جي ڀرسان بڪيرا روڊ، ڪولاچي اسٽاپ، ڪيريا شاخ، بائي پاس تي 30 جي لڳ ڀڳ سرن جا بٺا آهن، ان کان علاوه پيارولنڊ، عثمان شاھ ھڙي ويجھو ڪلر شاخ، قيصر سينھڙو، قيصر گھوٽ، ٽنڊوآدم، ٽنڊو الھيار روڊ جي ڀر ۾ قائم سرن جي بٺن تي انساني جانين جي لاءِ ھاڃيڪار ڪپڙو، پلاسٽڪ ساڙڻ لڳا آهن، جنهن ڪري بٺن جي آس پاس رھندڙ ڳوٺن ۾ عورتون، ننڍا ٻار توڙي پيرسن چمڙي جي بيمارين سميت خارش، دم ساھ جي تڪليف جهڙن بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا ڪلر شاخ قيصر سينھڙو قيصر گھوث ۽ ڀر پاسي جي سماجي اڳواڻن پپو خاصخيلي ۽ ٻين سخت گهڻي جو اظهار ڪندي ڊي سي ٽنڊوالھيار ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته بٺي مالڪن پاران ڪپڙو ڪچرو پلاسٽڪ پراڻا جوتا سڙي ماحول کي خراب ڪري آلودگي ۽ بيماريون پلائڻ جو نوٽيس وٺي بٺن مالڪـن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انساني جانيون بچايون وڃن، ان ڏس ۾ مختلف علائقن جي ڊاڪٽرن ڊاڪٽر لال ويراڻي، ڊاڪٽر راشد ڪشميري ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي چيو ته سرن جي بٺن تي سرن جي پچائي لاءِ ڪاٺ يا ڪوئلو استعمال ڪرڻ بدران پراڻا رٻڙ، ڪپڙا ساڙيا وڃن ٿا، جنهن مان بڻجي ٿو خطرناڪ قسم جو گيس، جيڪو بٺي جي چمنين مان نڪري آس پاس جي آبادي واري علائقن ۾ وسندڙ ماڻهن ۾ بيماريون پکيڙڻ جو سبب بڻجي ٿو