تامل ناڊو (انٽرسٽنگ نيوز) اوهان هميشه ماڻهن کي روڊ تي سڌي گاڏي هلائيندي ته ڏٺو هوندو پر اسان اوهان کي هڪ اهڙي شخص بابت ٻڌائي رهيا آهيون جنهن 16 ڪلو ميٽر کان وڌيڪ ريورس گاڏي هلائي ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي رياست تامل ناڊو سان تعلق رکندڙ 35 سالن جي چندر مولي 30 منٽن اندر 16.6 ڪلو ميٽر ريورس گاڏي هلائي ۽ مختصر وقت ۾ ايترو فاصلو طئي ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪيو آهي. ان کان اڳ اهڙو رڪارڊ ڀارتي رياست ڪيرالا سان تعلق رکندڙ 22 سالن جي ٽيسون ٿامس وٽ هو جنهن 30 منٽن اندر 14.2 ڪلو ميٽر جو فاصلو ريورس گاڏي هلائي طئي ڪيو هو. رپورٽن موجب چندر مولي گاڏين سان ڪافي لڳاءُ رکندو آهي، هن جو اهو شوق 10 سالن جي عمر ۾ شروع ٿيو ۽ وقت سان گڏوگڏ ان حد تائين وڌندو ويو جو اهو ان بابت ڪجهه خاص ڪرڻ چاهيندو هو. اهڙي طرح هن کي ريورس گاڏي هلائڻ جو خيال آيو. چندر مولي جو چوڻ هو ته اهڙو رڪارڊ بڻائڻ لاءِ هن ڪافي پريڪٽس ڪئي ان دوران هن ڳچيءَ ۾ به ڪافي تڪليف کي منهن ڏنو.